خرچ گهٽائڻ ۾ محمدخان جوڻيجو طاقتور ترين وزيراعظم ثابت ٿيو
اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وفاقي بجيٽ ۾ دفاع،سبسڊي،قرضن تي وياج ۽ پينشن جي مد ۾ 14 کرب رپيا رکيا ويا آهن،پٺيان رڳو 5 کرب رپيا بچن ٿا، انهن مان ڇا ٿيندو؟ پگهاردار طبقي کان علاوه ڪو ٻيو ٽيڪس ڏئي ئي نٿو،
ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو قرض جي ادائيگي آهي،ماضي ۾ ڪٺ پتلي وزيراعظم طور ڄاڻايل محمد خان جوڻيجو طاقتور ترين وزيراعظم ثابت ٿيو آهي
جنهن عوام جي حقن لاءِ اصولن تي سوديبازي نه ڪئي هن تاريخ ۾ اهڙو ڪم ڪيو جيڪو اڄ تائين ڪو به وزيراعظم نه ڪري سگهيو، هن جنرلن، ڪامورن ۽ وزيرن کي هڪ هزار سي سي جي ننڍين گاڏين هلائڻ تي مجبور ڪيو هو.
جُون 14, 2024