سڪرنڊ : ٿيليسيميا پيشنٽس ويلفيئر سوسائٽي پاران ٿيليسيميا ۾ مبتلا ٻارن لاءِ بلڊ ڊونيشن ڪيمپ جو اهتمام
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) ٿيليسيميا پيشنٽس ويلفيئر سوسائٽي پاران قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ سڪرنڊ تي ٿيليسيميا ۾ مبتلا ٻارن جي لاءِ بلڊ ڊونيشن ڪيمپ جو اهتمام ڪيو ويو
جتي شهر ۽ آس پاس جي ڪيترن ئي نوجوانن رت جو عطيو ڏنو ان موقعي تي ٿيليسيميا ڪيئر سينٽر نوابشاھ جي مينيجر مجيب الرحمان خاصخيلي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان وٽ سينٽر ۾ هن وقت اڍائي هزار کان وڌيڪ ٻار رجسٽرڊ آهن جن کي رت لڳايو ويندو آهي
هن وقت گرميءَ جي شدت سبب رت جي کوٽ آهي جنهن جي ڪري ٿيليسيميا جي ٻارن جون زندگيون داءُ تي لڳل آهن ڪوشش ڪري نڪري پيا آهيون ته جيئن هنن ٻارڙن جي زندگي بچائي سگهون ٿيليسيميا پيشنٽس ويلفيئر سوسائٽي جي ميمبر خان محمد پلي ڳالهائيندي چيو ته سڪرنڊ سدائين پاڻ ملهايو آهي جڏھن به رت جي کوٽ ٿيندي آهي ته سڪرنڊ جو منهن ڪندا آهيون
جتان سدائين سوڀارا ٿيندا آهيون هن چيو ته اسين سڪرنڊ واسين جا شڪر گزار ۽ آئنده لاءِ به پر اميد آهيون ته ضرورت پوڻ وقت پنهنجي روايت قائم رکندا.
جُون 13, 2024