سکر: مغوي نعمان جوڻيجو جي بازيابي لاءِ جوڻيجو برادري  پاران احتجاجي مظاهرو

Spread the love

سکر (بيورو رپورٽ) مغوي نعمان جوڻيجو جي بازيابي لاء پراڻي سکر جي رائل روڊ واري علائقي جي رهواسي جوڻيجو برادري جي دلشاد جوڻيجو، اسرار جوڻيجو، علي مراد، ممتاز ۽ ٻين سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري مغوي جي بازيابي نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو.

 ان موقعي تي مغوي جي وارثن جو چوڻ هو ته 25 ڏينهن گذري ويا آهن پر افسوس جو سکر پوليس اغوا ٿيل نعمان جوڻيجو کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي،

اغوا ڪندڙ مغوي جي آزدي لاء 50 لک رپيا ڀنگ جو مطالبو ڪري رهيا آهن غريب آھيون ڀنگ جي رقم ادا نه ٿا ڪري سگهون۔ هنن لاڳاپيل اختيارين کان نوٽيس وٺي يرغمالي کي باحفاظت بازياب ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آھي.

جُون 12, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو