سکر کي وفاقي حڪومت يا سنڌ حڪومت کان ڪو به خصوصي فنڊ نه مليو آهي: ارسلان اسلام شيخ
سکر( رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ سکر کي 27 ارب رپين جا خصوصي فنڊ ملڻ ۽ مڪاني ادارن جي نمائندن ۾ اختلافن جي خبرن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته سکر کي وفاقي حڪومت يا سنڌ حڪومت کان ڪو به خصوصي فنڊ نه مليو آهي سکر ۾ اڄ تائين 8 سالن ۾ جيڪو ڪم ٿيو آھي اهو ميونسپل ڪارپوريشن پنهنجي وسيلن مان ڪرايو آھي،
عيد۔محرم يا وري ٻوڏ واري صورتحال ۾ به سکر کي اڄ تائين ڪوبه خصوصي فنڊ ناهي مليو۔شھر جي سمورن روڊن جي تعمير ۽ مرمت ڪئي آھي رهجي ويل روڊن جي مرمت به ڪئي ويندي اهڙو اطهار ميئر سکر بيريسٽر ارسلان اسلام شيخ پنهنجي رهائش گاھ سکر هائوس ۾ ڊپٽي ميئر ڊاڪٽر ارشد مغل۔چيئرمين پير مڪي شاھ ٽائون محمد دين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو ميئر سکر وڌيڪ چيو ته ڪجهه ماڻهو سکر جي بلدياتي نمائندن ۾ اختلافن جون خبرون پکيڙي رهيا آهن
جنهن جو حقيقت سان ڪو به تعلق ناهي سکر جا سمورا مڪاني نمائندا هڪ پيج تي آهن هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سکر ۾ فري ڍور منڊي قائم ڪئي وئي آهي جتان قرباني جا جانور خريد ڪندڙ مٿان ڪوبه ٽيڪس ناهي پر واپارين کي ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو صفائي سٿرائي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي سهڪار سان هڪ پلان ٺاهيو آهي
جنهن تحت قرباني ڪندڙ شهرين کي 26 هزار کان وڌيڪ بيگز فراهم ڪيا ويندا ۽ انهن کي ان ۾ جانورن جا اوجھ وجهي رکڻ گهرجن بيگز شهرين کي مڪمل طور تي مفت ڏنا ويندا ۽ اهي بيگز نه رڳو شهرين کي پر شهر جي ٻه سئو کان وڌيڪ مسجدن ۾ فراهم ڪيا ويندا
جڏهن ته قرباني جي جانورن جا اوجھ کڻڻ وارين گاڏين ۾ به اضافو ڪيو ويندو ته جيئن ڪٿي به گندگي نظر نه اچي۔ميئر وڌيڪ چيو ته شهر مان ڪچرو ۽ اوجھ کي دٻائڻ لاءِ ٻه مختلف هنڌن جو انتخاب ڪيو ويو آهي،
اسان شهر ۾ وڌندڙ حددخليون ڏسي رهيا آهيون، پر هن وقت جولاء ۾ امڪاني غير معمولي برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ڇو ته موسميات کاتي طرفان جولائي ۾ اڳ کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي،ميئر سکر چيو ته سکر ۾ پهرين ته سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي ڪارڪردگي بهتر هئي پر گذريل هڪ مهيني کان ان جي ڪارڪردگي گهٽجي وئي آهي ان جي بهتري لاء قدم کڻي رهيا آھيون ۔
ميئر سکر شھرين کي اپيل ڪئي ته عيدالاضحٰي جي ڏهاڙن ۾ ميونسپل ڪارپوريشن سکر جي عملي سان تعاون ڪري عوام جي بروقت ازالي لاءِ سکر ميونسپل ڪارپوريشن ۾ شڪايتي سيل قائم ڪيو ويندو۔ان موقعي تي وائس چئرمين نثارصديقي ٽائون ذوالفقار کوسو۔وائس چيئر مين پير مڪي شاھ غلام مرتضي گهانگهرو ۽ ٻيا مڪاني ادارن جا چونڊيل نمائندا پڻ موجود هئا.
جُون 12, 2024