گرفتار عرفان ملڪ، عامر ميراڻي ، بيمار علي گل ميراڻي کي جلد کان جلد آزاد ڪري ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن: عيدن جاگيراڻي ۽ ٻيا
سکر( رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ ) جيئن ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ، وڪيلن طرفان بچل شاھ مياڻي جي بجلي بحالي ،عوام دشمن سي اي او سکر سيپڪو سعيد ڏاوچ کي ھٽائڻ ۽ گرفتار ٿيل عرفان ملڪ، عامر ميراڻي ، علي گل ميراڻي ۽ ٻين جي آزادي لاء سکر پريس اڳيان ڀرپور احتجاج ڪيو ويو.
جنھن ۾ اڳواڻن عيدن جاگيراڻي ، ماجد ڏنور، عبدالقيوم ابڙو، ايڊووڪيٽ مير خان چاچڙ، ايڊووڪيٽ شھزاد زنگيجو، اويس انقلابي ،عارف ميراڻي نعمان چنو ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته سيپڪو چيف سعيد ڏاوچ عوام دشمن کي فلفور ھٽايو وڃي جيڪو سياسي چرچ تي ڏيڍ سال کان بجلي بند ڪري لکين عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏي آھي
عوام سان ڏاڍ ۽ جبر ڪري رھيو آھي . ٻئي طرف سکر پوليس تي افسوس ٿئي پيو ته روز ڌاڙيل ماڻھون اغوا ڪري سرعام ڪال ڪري ڀنگ گھرن پيا اتي ته جونءِ به نٿي چري باقي پرامن سياسي ڪارڪنن ۽ عوام تي شيلنگون ۽ لٺ بازي ڪري وڏي ڪاميابي سمجھي پيو اسين پرزور مطالبو ڪيون ٿا تہ گرفتار عرفان ملڪ، عامر ميراڻي ، بيمار علي گل ميراڻي کي جلد کان جلد آزاد ڪري ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ بچل شاھ مياڻي جي بجلي جلد کان جلد بحال ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ ڀرپور احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.
جُون 12, 2024