پڇون ٿا ته ڪافر، ڪڇون ٿا ته گوليون!

Spread the love

سردار خاتون

ڪنھن دوست چواڻي ته فڪري ۽ نظرياتي رشتا رت جي رشتن کان به وڌيڪ مضبوط ۽ خوبصورت هوندا آهن. اھا ڳالھ مون کي بلڪل ان وقت دل سان لڳي، جڏھن نصرالله گڏاڻي کي گھوٽڪي ۾ گوليون ھڻي زخمي ڪيو ويو ھو. ھن سان منھنجي ڪابه ڄاڻ سڃاڻ نه ھئي. ھن کي گوليون لڳڻ کان پوءِ ئي مون ھن جو نالو ٻڌو ھو. ڪجھ وڊيوز سوشل ميڊيا تي ڏٺم، جن ۾ ھو اسپتال ۾ زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ ھو. خبرن موجب، ان تي 4 فائر ڪيا ويا، انھن مان ٽي گوليون سندس جسم ۾ پيوست ٿي ويون. ان بعد نيوز چئنلز ۽ سوشل ميڊيا تي پل پل جا اپڊيٽ ايندا رھيا، ڪڏھن سندس لاءِ دعائن جي اپيل ته ڪڏھن طبيعت سڌرڻ جي اپڊيٽ ته ڪڏھن وري ڪجھ مايوسي وارين خبرن نراسائي ٿي ڦھلائي. سندس بھادري، ھمت ۽ صحافت جي لاءِ سندس بي لوث خدمتن بابت ڄاڻي ڪري ۽ سنڌي ڀوتارن جي روين جي متعلق ته جيڪو به سندن خلاف حق جو آواز بلند ڪري ته ان کي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏين، کين ظاھري طور اھڙو اجازت نامو مليل آھي، اھو سڀ ٻڌي ڪري مونکي جنھن پيڙا مان گذرڻو پيو، اھو بيان ڪرڻ ممڪن ناھي. ڇو ته حساس دل شخص ھميشہ مظلوم جو درد پنھنجي وجود تي محسوس ڪندو آهي. سنڌ ڌرتيءَ ۾ اھڙي نسوري ظلم ملڪ جي قانون ۽ ان تي عمل ڪرائيندڙن تان ويساھ ئي کڻائي ڇڏيو.

نصرالله گڏاڻي تي ٿيل حملي کان پوءِ جڏھن ھو زندگيءَ ۽ موت جي ٻه واٽي تي ھو ۽ سندس حياتيءَ جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي ڌڙا ڌڙ  اپلوڊ ٿينديون رھيون، جنھن ۾ ھو تمام ذميواراڻي انداز ۾ رپورٽنگ ڪري رھيو ھو. ڪڏھن ڪنھن اسپتال ۾ ته ڪڏھن ڪنھن روڊ تي، برسات جي بيٺل پاڻي ۾، ته ڪڏھن ڪنھن ڀوتار جو پيڇو ڪندي ۽ کين مليل غيرضروري پوليس پروٽوڪول تي ته ڪڏھن ڪنھن ھنڌ ته ڪڏھن ڪنھن ھنڌ بيھي وقت جي حاڪمن ۽ مقامي ڀوتارن کي للڪاري رھيو ھو، جيڪي پنھنجي پاڻ کي سنڌ جي اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ سمجھن پيا. شھيد صحافت نصرالله گڏاڻي جو پنھنجي پروفيشن سان ڪمٽمينٽ جو اندازو سندس وڊيوز کي ڏسي ٿي ويو. ھو ھڪ بيباڪ شخص ھو، جيڪو سڄي ارد گرد جي معاشري کان ھٽي ڪري سوچي پيو. موجوده دور ۾ صحافين جي اڪثريت رڳو زرد صحافت ڪري پنھنجا مفاد ماڻڻ ۾ پوري آھي، اتي نصرالله گڏاڻي مرد قلندر ٿي ڪري پنھنجي پروفيشن سان پنھنجي زندگيءَ جي قرباني ڏيڻ تائين پاڻ ملھايو.

شھيد نصرالله گڏاڻي جو نعرو جيڪو سندس شناخت ٿي ويو. آئون ته ائين چونديس ته سندس موٽر سائيڪل جي پوئين بتيءَ تي “ڀوتار ماءِ فٽ” جو نعرو سندس برينڊ نيم بڻجي ويو. سندس ان نعري سان سندس اندر ۾ ظالم ڀوتارن، ميرن، پيرن، وڏيرن ۽ جاگيردارن جي لاءِ جيڪا نفرت ھئي، ان جو سھڻي نموني ۽ علي الاعلان اظھار ھو ۽ ساڻن اعلان جنگ ھو. نصرالله جي دل ۾ انھن ڪردارن جي لاءِ نفرت ان ڪري ھئي جو ھنن منفي ڪردارن عوام جا حق کاڌا، انھن سان نا انصافيون ڪيون ۽ سنڌ جي  مسڪين ماروئڙن جو سياسي، سماجي توڙي معاشي استحصال ڪيو.

سندس شھادت کانپوءِ صحافين سندس والده جو انٽرويو ڪيو ۽ سندس گھر جا منظر ڏيکاريا. سندس والده ٻڌايو ته ھو اصولن جو پڪو شخص ھو، تنھنڪري غربت ھوندي به ڪڏھن به پنھنجي مفاد خاطر صحافتي اصولن جي ڀڃڪڙي نه ڪئي. ھو پنھنجي زندگي گھٽ معاوضي جي عيوض ئي گذاري ويو پر سنڌ ڌرتيءَ جي رهواسين کي اھو پيغام ڏئي ويو ته،

“اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي، اچي ٿي،

متان ائين سمجهين، مئا مور سارا”.

شھيد نصرالله جي ڇھن ٻارن جي يتيم ٿيڻ جو ڏک، سندس جوان وني جو بيواھ ٿيڻ، سندس امڙ جيجل جي پوڙھپڻ ۾ جوان ۽ بھادر پٽ جي شھادت جو درد، يقينن مونسان گڏ ڪيترن ئي سنڌ واسين کي جھوري وڌو. شھيد نصرالله گڏاڻي پنھنجي حياتي اصولن کي ارپي، راھه رباني وٺي ويو پر سندس شھادت جو اثر سندس گھر وارا ڏھاڪن تائين محسوس ڪندا رھندا. سندس معصوم ٻار پيءُ کان بنا بنھ ويڳاڻا ٿي پوندا. سندس وني سندس وڇوڙي جو درد سھي نه سگھندي.

شھيد نصرالله جي بھادري ۽ ارڏائي ڀوتارڪي نظام جي مضبوط ديوارن کي لوڏيو. ھاڻي اھو وقت پري ناھي جڏھن وڏيرا، جاگيردار ۽ ڀوتار منھن لڪائڻ ۾ پورا هوندا. ھن بھادر  صحافي کي سموري سنڌ وڏو مان ڏنو. سندس جنازي نماز تي ھزارين ماڻھو گڏ ٿيا. انھن سڀني جو ھڪ ئي نعرو ھو ته، “ڀوتار ماءِ فٽ”. ھا ھڪ ڳالھ ضرور آھي جو ڪجھ ڏينهن کان پوءِ سوشل ميڊيا ھن سانحي کي وساري ويھندي ۽ پوءِ ھڪ اذيت جو نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويندو، جيڪو شھيد جي پونئيرن کي ڀوڳڻو پوندو.

صحافتي شعبي ۾ صحافين جي شھادتن جو سلسلو ڪو نئون ناھي. گذريل سالن جي رڪارڊ تي نظر وجھون ته: 2020 ع ۾ صحافي عزيز ميمڻ کي قتل ڪيو ويو .مئي 2020 ۾ صحافي ذوالفقار مندراڻي کي دوداپور م قتل ڪيو ويو.  2021۾ صالح پٽ جي صحافي اجي لالواڻي کي قتل ڪيو ويو. 3 نومبر 2021 تي سوشل ايڪٽيوسٽ ۽ ماحول دوست ناظم جوکئي کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو.2022 ع ۾ نريش مکيجا جيڪو پڻ صحافي ھو، اجي لالواڻي جي  ڪيس جو مکيه گواھ پڻ ھو، جنھن کي ھڪ روڊ حادثي ۾ ماريو ويو. جرنلسٽ ڪميونٽي ھن حادثي کي ھڪ قتل مڃي ٿي. جون 2023 ۾ خيرپور ضلعي جي اصغر کنڊ کي قتل ڪيو ويو. آگسٽ 2023 ۾ صحافي جان محمد مھر کي سکر ۾  قتل ڪيو ويو. ان کان علاوه درجنين صحافين تي قاتلاڻه حملا ٿيا، جنھن جو تازو مثال حيدر مستوئي آھي. سنڌ ۾ سسٽم کي للڪاريندڙ، اسٽيٽسڪو کي ڌوڏيندڙ بيباڪ ڪردارن جي حق جو ساٿ ڏيڻ تي ۽ ظلم خلاف بغاوت ڪرڻ تي کانئن جيئڻ جو حق کسيو وڃي ٿو. قاتلن تي ايف آئي آر به داخل ٿئي ٿي ته نامعلوم جوابدارن خلاف، جيڪي ڪڏھن به قانون جي گرفت ۾ نه آندا ويندا آهن. کين ڪڏھن به سزا نه ملندي آهي.

اشفاق آذر لکي ٿو ته،

پڇون ٿا ته ڪافر،  ڪڇون ٿا ته گوليون!

اسان لئه اڻانگيون، هي راهون نه سوليون!

اسان جي هٿن ۾ فقط هڪ قلم آ

۽ خنجر بدستن جون سامهون هي ٽوليون!

اهو ڪونه ٿيو آ، اهو ڪونه ٿيندو

هو چاهين ٿا جيئن ۽ اسان تيئن ٻوليون!

ھا! حق ۽ سچ جي پرچار ڪرڻ وارا ۽ ظلم خلاف بغاوت جو علم بلند ڪرڻ وارا ڪڏھن به ڀوتارن جي من مرضي جي ٻولي نٿا ٻولي سگھن. ھا! ڪنھن سچ چيو آھي ته شھيد نصرالله گڏاڻي پنھنجو ساھ ڏيئي سنڌ ڌرتيءَ جي ماروئڙن کي ويساھ ڏنو آھي. ھي ظلم جو سلسلو بھادرن کي جھڪڻ تي مجبور نه ڪندو، بلڪه انھن کي نئون جوش ۽ ولولو بخشيندو، جيڪو کين پنھنجي منزل يعني ھڪ معتدل، آزاد، مطمئن ۽ خوشحال سنڌ ڏانھن وٺي ويندو، جيڪو ڪروڙين سنڌين جو صدين کان خواب آھي. باشعور ماڻھو ظلم ۽ جبر کان ڊڄندا ناھن، بلڪه ان سان وڌيڪ مضبوط ٿيندا آھن. ڪمپائونڊ افيڪٽ جيان اڄ ھڪ ته سڀاڻ ٻه، پرهينءَ چار ٿي اڀرندا، پوءِ وقت جي جابرن کي ڪٿي به منھن مٿو لڪائڻ جي جاءِ نه ملندي.

جُون 12, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو