پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ آهي، اسان وٽ اهو آهي جيڪو ٻين ملڪن وٽ ناهي: عطا تارڙ

Spread the love

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي وڌيڪ بهتر ٿي رهي آهي ۽ پاڪستان کي تازو سلامتي ڪائونسل جي ميمبرشپ ٻيهر ملي آهي.
اطلاعات واري وزير اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ آهي، اسان وٽ اهو آهي جيڪو ٻين ملڪن وٽ نه آهي، اسان وٽ 66 سيڪڙو نوجوان آهن، پاڪستان آءِ ٽي جي شعبي ۾ وڏي مارڪيٽ آهي، جڏهن ته حڪومت فني تربيت تي ڌيان ڏئي رهي آهي.
هن چيو ته اسان جنگ نٿا چاهيون، اسان پاڙيسرين سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا، وچ ايشيا پاڪستان کي اتحادي سمجهي ٿي، ايراني صدر جو پاڪستان جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو هو، اسان ايران سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا، سعودي عرب جي اعليٰ سطحي وفد به پاڪستان جو دورو ڪيو، ملڪ ۾ معاشي استحڪام اچي رهيو آهي.

جُون 11, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو