ڏوڪري: ايم اين اي سردار نظير خان ٻگھيو صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي
ڏوڪري (رپورٽر) قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 195 ڏوڪري ۽ باقراڻي تعلقي تان چونڊيل پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي سردار نظير خان ٻگھيو ايوان صدر اسلام آباد ۾ اسلامي جھموريه پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي آھي،
ملاقات ۾ پ پ پ ايم اين اي نظير خان ٻگھيو ۽ صدر آصف علي زرداري وچ ۾ ملڪي قومي ۽ تڪ جي مختلف معاملن تي ڳالھ ٻولھ ٿي گذري، ايم اين اي نظير خان ٻگھيو آصف علي زرداري کي تڪ جي ترقياتي اسڪيمن ۽ پروجيڪٽس بابت پڻ آگاھ ڪيو.
جُون 10, 2024