ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ذريعي ماڻهن جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي: محمد حنيف نوناري

Spread the love

ڪراچي (رپورٽ : ثناء ﷲ هڪڙو)  انصاف لائرز فورم سنڌ جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ هاءِ ڪورٽ محمد حنيف نوناري ضلعي اوڀر پريس ڪلب ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي، صحافي نصرالله گڏاڻي کي سچ ڳالهائڻ تي شهيد ڪيو ويو، جنهن جا قاتل  اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن،

ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ذريعي ماڻهن جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي ٻئي ٻهراڙين ۾ ڌاڙيل روڊن تان غريب ماڻهن کي اغوا ڪري ڀُنگ وصول ڪري رهيا آهن پر حڪمران گهري ننڊ ستل آهن 15 سالن کان اقتدار ۾ آيل پارٽي ڪجهه نه ڪيو آهي پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو عوام کي شعور ڏنو پر زرداري ٽيم هاڻي رڳو ڪرپشن جا منصوبا ٺاهي رهي آهي

 جنهن کي عوام هرگز قبول نه ڪندو هن ملڪ ۾ پي ٽي آءِ کان سواءِ سڀني کي سياست ڪرڻ جي اجازت آهي اسان جي جلسن ۽ سياسي ڪمن تي پابندي لڳائي وڃي ٿي ۽ ملڪ جي قومي هيرو عمران خان کي عوامي سياست ختم ڪرڻ لاءِ زبردستي جيل ۾ وڌو ويو آهي،

پر اهڙي سوچ رکڻ وارا بيوقوفن جي دنيا ۾ زندگي گذاري رهيا آهن عوام گذريل چونڊن ۾ سموري ملڪ مان اسان جي اميدوارن کي ڳرو مينڊيٽ ڏنو پر اهو مينڊيٽ  زبردستي چوري ڪري ٻين پارٽين کي ڏنو ويو ڪراچي جي 21 کان وڌيڪ سيٽن جا نتيجا تبديل ڪيا ويا  هن ملڪ ۾ مينڊيٽ چور حڪومت گهڻو وقت نه هلي سگهندي، انشاالله ايندڙ حڪومت پي ٽي آءِ جي هوندي جنهن ۾ چور لٽيرا ختم ٿي ويندا.

جُون 8, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو