وفاقي حڪومت طرفان سڀني شاگردن کي ليپ ٽاپ ڏيڻ جو فيصلو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ايندڙ سال ”ليپ ٽاپ فار آل اسڪيم“ متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
چيئرمين وزير اعظم يوٿ پروگرام رانا مشهود اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسڪيم ذريعي انٽرسٽ فري بينڪن مان شاگردن کي ليپ ٽاپ ملندا.
هن جو چوڻ هو ته گذريل سال عارضي حڪومت هئي، انڪري شاگردن کي ليپ ٽاپ نه ڏنا، هاڻي جڏهن حڪومت آئي ته بجيٽ ۾ وقت گهٽ هو، آءِ ايم ايف جون شرطون کي به فالو ڪرڻو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ايندڙ 2 يا 3 ڏينهن ۾ فيصلا ٿي وڃن ۽ لازمي شاگردن کي ليپ ٽاپ ڏئي سگهجن.

جُون 7, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو