نيپرا طرفان مهانگائي ۾ پيڙهيل عوام کي نئون جهٽڪو

Spread the love

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت طرفان مهانگائي ۾ پيڙهيل عوام کي نئون جهٽڪو هنيو ويو آهي.
نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، بجلي هڪ مهيني لاءِ 3 رپيا 33 پئسا في يونٽ مهانگي ڪئي وئي آهي، بجلي جي اگهن ۾ تازو اضافو ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندو.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نيپرا اپريل جي ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي مهانگي ڪئي ۽ واهپيدار واڌو ادائيگيون هلندڙ مهيني جي بلن ۾ ڪندا.

جُون 6, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو