ٺاروشاھ : اڳوڻو ٽائون ڪاميٽي چيئرمين پ پ اڳواڻ عـلي خان عالماڻي بنا مقابلي ٻيھر چيئرمين بڻجي ويو
ٺاروشاھ ( رپورٽ: اسد سولنگي) اليڪشن ڪميشن پاران ٽائون ڪاميٽي ٺاروشاھ جي چيئرمين شپ لاء خالي قرار ڏنل سيٽ تي اڳوڻي ٽائون ڪاميٽي چيئرمين پ پ اڳواڻ عـلي خان عالماڻي بنا مقابلي ٻيھر چيئرمين ٿي ويو
سندس مقابلي ۾ ٺاروشاھ جي 8 ڪائونسلرن مان ڪنھن بـ سندس سامھون فارم نـ ڀرايو عالماڻي ھائوس تي جيالن جو جشن رٽرنگ آفيسر تعلقا ڀريا شاھد سرڪي ميڊيا کي ٻڌايو تـ ٽائڳن ڪاميٽي ٺاروشاھ جي خالي ٿيل سيٽ لاء نامينيشن فارم ڀرائڻ جي اڄ آخري تاريخ ھئي
جنھن ۾ ٺاروشاھ جي چيئرمين شپ لاء علـي خان عـالماڻي کان سواء ڪنھن بـ فارم جمع نـ ڪرايو آھي جنھنڪري کيس بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏجي ٿو جنھن تـ اھڙي اعلان بعد عالماڻي ھائوس تي پ پ جيالن پاران جشن ملھايو ويو ـ
جُون 3, 2024