ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي عوام جو جیئڻ مشڪل ڪري ڇڏيو آهي: محمد عمران بنڌاڻي راجپوت
سکر ( رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) سکر بلڊرز ايسوسي ايشن سکر جي جنرل سيڪريٽري معروف سماجي اڳواڻ محمد عمران بنڌاڻي راجپوت چيو آهي ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي عوام جو جیئڻ مشڪل ڪري ڇڏيو آهي،
حڪومت کي ھٿرادو مهانگائي ختم ڪرڻ لاءِ سنجيده ٿيڻو پوندو عام واهپي شين جي قيمتن ۾ واڌ کانپوء تعميراتي مٽيريل سيمنٽ، سرون، واري، بجري ۽ ٻيو تعميراتي سامان تمام مهانگو ٿي ويو آهي
جنهن ڪري ڪيترائي هائوسنگ منصوبا بند ٿيڻ سبب بلڊرز سميت مزدور به سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن۔اهڙو اظھار هن پنهنجي آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو هن وڌيڪ چيو ته مهانگائي تي ضابطو نه اچڻ ڪري مهانگائي سبب غريب عوام جي ڏکيائين ۾ اضافو ٿي ويو آهي،
بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ تيزيءَ سان واڌ کانپوءِ غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاري عروج تي آهي تعميراتي شعبي ۾ استعمال ٿيندڙ مواد ۽ خام مال جي مهانگي اگهه سبب سڄي شهر ۾ تعميراتي ڪم بند ٿي رهيا آھن
سيمينٽ، ريٽي، بجری ۽ سرن جا اگهه وڌڻ ڪري ٺيڪيدارن سرڪاري ۽ خانگي ڪم بند ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. تعميراتي ڪم به بند ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، حڪومت ان طرف ڌيان ڏئي هٿرادو مهانگائي تي ضابطو آڻي عوام کي رليف فراهم ڪري۔
جُون 2, 2024