نوشھرو فيروز: نصرالله گڏاڻي ۽ جان محمد مھر جا قاتل گرفتار نہ ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
نوشھرو فيروز (رپورٽ: محمد عادل عباسي)سنڌ صحافي اتحاد جي مرڪزي سڏ تي شھيد نصرالله گڏاڻي ۔شھيد جان محمد مھر جا قاتل گرفتار نہ ڪرڻ معصوم پريا ڪماري جي آزاديء لاء يونس راڄپر ايم ظفر تڳر ۔يوسف منگي ۔علي نواز سولنگي ۔ ذیشان وسطڙو، سچل راجپر،ثقلین اسراڻ جبار وڳڻ ۔عطيق وسطڙو ۔اعجاز علي تڳر ۔مولابخش مشوري زاھد لنڊ۔خادم سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ الله واري چونڪ کان احتجاجي ريلي ڪڊي وئي
جيڪا پڊعيدن روڊ کان ٿيندي پريس ڪلب پھتي ريلي ۾ صحافين سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيوته سنڌ ۾ صحافي نڌڻڪا ٿي پيا مرن حق سچ لکڻ تي ڀوتار ۽ سردار پوليس جي مدد سان صحافين کي شھيد ڪرائين ٿا انھن جا خون رھزن پوليس سان ملي لوڙھائي ڇڏين ٿا
پوليس ڀوتارن جي خاص سھولتڪار آھي اسان حڪومت سنڌ کان مطالبو ٿا ڪريون ته فورن شھيدنصرالله گڏاڻي ۔شھيد جان محمد جا قاتل گرفتار کري ۽ پريا ڪماري کي آزاد ڪرائي ٻي صورت ۾ ھاڻي چپ نه رھنداسين جي مطالبا نه مڃيا ويا ته پوء سي ايم ھائوس جو گیھراء ڪنداسين ڪجھ به ٿيوته ذميوار سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس ھوندي ۔
جُون 2, 2024