9 مئي، منصوبا ساز، ڪردار ۽ سهولتڪار
حيدر جاويد سيد
ان ڳالهه تي ڪي ٻه رايا نٿا ٿي سگهن ته 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن جي منصوبا سازن ۽ ڪردارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ انتهائي ضروري هو. عوام به پورو سچ ڄاڻڻ چاهيندو هو ۽ پڻ چاهي ٿو. پر اهو چوڻ به غلط نه هوندو ته، حقيقتن کي ڄاڻندي به منصوبا سازن ۽ ڪردارن جي خلاف بروقت ڪارروائي نه ڪري ٻنهي کي نه صرف پاڻ سنڀالڻ جو موقعو ڏنو ويو پر ان عرصي (گذريل هڪ سال) دوران انهن منصوبي سازن ۽ ڪردارن جا جيڪي همدرد مختلف ادارن ۾ موجود آهن، انهن کي به ذاتي پسند ناپسند جي مظاهري جو آزاداڻو موقعو مليو. هاڻي اهو چوڻ ته شفاف عدالتي ڪارروائيءَ تائين ملڪ سازشي هٿن ۾ يرغمال بڻيل رهندو، تمام عجيب ڳالهه لڳي ٿي. سڄي سالَ ۾ شفاف عدالتي ڪاررواين ۾ رڪاوٽ ڪير بڻيو؟ ڇا اهو سچ ناهي ته ادارن جي اندر ٿيندڙ پسند ۽ ناپسند جي لڙائي ڪُوڙ ۽ سچ کي گاڏڙ ساڏڙ/گڏ وچڙ ڪري ڇڏيو آهي؟ منصوبا سازن ۽ ڪردارن کي هيرو بڻائي پيش ڪيو پيو وڃي؟ بهرحال اها هڪ راءِ آهي ۽ ان کان اکيون ٻوٽڻ غلط هوندو.
جيتري قدر گذريل ڏينهن فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير طرفان اٿاريل سوالن ۽ ان جي خيالن جو تعلق آهي ته، ان تي مڪالمي جي ضرورت آهي. فقط مڪالمو ئي نه پر انهن سوالن ۽ خيالن تي پڻ سوال اُٿي رهيا آهن، جن جو پڻ جواب ڏيڻ ضروري آهي. انهن مان اهم ترين سوال اهو آهي ته، ڇا 9 مئي جا واقعا صرف عمران خان جي گرفتاريءَ تي ان جي حامين جي ردعمل جو نتيجو هئا يا وري اهي واقعا هڪ منصوبي تحت ڪرايل گرفتاريءَ جو نتيجو هئا؟ منصوبو پي ٽي آءِ جو هو يا جيئن عام لوڪن جي زبان تي آهي ته، ملٽري اسٽيبلشمينٽ جي انهن “سابقين” (اڳوڻن فوجين) جو هو، جن جو خيال هو ته ادارن ۾ موجود اسان جا شاگرد، جونيئرز ۽ عزيز تبديليءَ جي عمل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا؟ هتي هڪ اهم ۽ چڀندڙ سوال اهو پڻ آهي ته، ڇا 9 مئي صرف سياسي نظام جي پسنديده يا ناپسنديده ڪردارن جي حمايت يا مخالفت جو “پاڻيپٽ” هو يا بنيادي طور تي اها ملڪي ادارن جي اندر ڪجهه منصوبن تي ٿيندڙ مقررين کي قبول نه ڪرڻ جي جذبات جو عملي مظاهرو؟ ۽ اهو پڻ ته ان مظاهري لاءِ ڪنن جي ڪچن، زود رنج ۽ بدلي جي ڀاونا ۾ ڪنڌ تائين غرق ٿيل پي ٽي آءِ جي قيادت استعمال ٿي؟
هتي اهو عرض ڪرڻ پڻ ضروري آهي ته، نه صرف هنن ڪالمن ۾ 9 مئي جي واقعن جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي تجويز تواتر سان پيش ڪئي وئي پر مختلف سوچ رکندڙ حلقن طرفان پڻ جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو سامهون ايندو رهيو. منهنجي خيال موجب معاملن ۽ رجحانن کي ان ئي وقت سمجهي وڃڻ گهرجي ها، جڏهن ملڪي انصاف جي نظام ڪجهه معاملن تي حڪم امتناعي/اسٽي آرڊر جاري ڪيا، ڪجهه قدمن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ ڪُجهه تي اهڙا سوال اُٿاري ڇڏيا، جيڪي قانوني گهٽ پر سياسي وڌيڪ هئا. ان صورتحال ۾ اهو عرض ڪرڻ ۾ ڪا به هٻڪ ناهي ته آخري غلطي جي ذميدارن، منصوبا سازن ۽ ڪردارن خلاف ڪارروائي ضرور ٿيڻ گهرجي پر ان سان گڏوگڏ 9 مئي جي “پاڻي پٽ” جي لاءِ منصوبا سازي ڪندڙ ۽ سهولتڪاري ڪندڙ ٻنهي قسم جي ڪردارن کي پڻ وائکو ڪرڻو پوندو. نه ته پروپيگنڊه جي دنيا ۾ ففٿ جنريشن وار جي ماڻهن لاءِ اهو ثابت ڪرڻ تمام آسان هوندو ته انتقامي ڪارروايون ٿي رهيون آهن.
غور طلب ڳالهه اها آهي ته، انتقامي ڪاررواين واري ان پروپيگنڊه کي جٽاءُ ڇو مليو؟ ان جا ٻه سبب آهن؛ پهريون اهو ته منصوبا سازن ۽ ڪردارن جي لاءِ ادارن جي اندر همدردي ۽ سهولتڪاري، ٻيو اهو ته ايف آءِ آرز ۾ نامزد ماڻهن سان گڏ نامعلوم ماڻهن جي لفظ جي ڪري پنجاب ۽ خيبر پختونخوا پوليس روايتي انداز اختيار ڪندي هڪ طرف ته 9 مئي کي پنهنجي لاءِ نفعي بخش بڻايو، ٻئي طرف تعداد پوري ڪرڻ جي چڪر ۾ سوين اهڙن ماڻهن کي به گرفتار ڪري ورتو، جيڪي تحريڪ انصاف ۽ عمران خان سان دِلي لڳاءُ ته رکندا هئا پر پرتشدد مظاهرن ۾ شريڪ نه هئا.
اهڙي ريت اهو به مڃيو وڃي ته، 9 مئي جي ڪيسن ۾ نامزد ڪيترائي ماڻهو ڪجهه مهينا يا سالَ تائين پوليس ۽ ڳجهن ادارن جي نظرن کان اوجهل رهيا يا اوجهل سمجهيا ويا، ٻئي صورتون اندروني سهولتڪاريءَ کانسواءِ ممڪن نه هيون يا وري کلي دل سان ان ڳالهه جو اعتراف ڪري ڇڏڻ گهرجي ته اسان جون ڳُجهيون ايجنسيون گهربل ماڻهن جي ڳولا ۽ گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون.
اها ڳالهه آسانيءَ سان سمجهه ۾ ايندڙ آهي ته ان قسم جو اعتراف خود سيڪيورٽي نظام جي خامين کي ماڻهن جي سامهون کڻي ايندو. هتي ٻيهر اهو عرض ڪرڻ غير مناسب نه هوندو ته ادارن اندر پسند، ناپسند ۽ سهولتڪاريءَ جا جذبا رکندڙ فردن (اهي ڪيترا به اهم ڇو نه هجن) جو احتساب ڪرڻ کان سواءِ نه ته 9 مئي جي حقيقي منصوبا ساز ۽ ڪردار وائکا ٿي سگهندا. نه وري ملڪي نظام ۽ سياسي عمل سان کيڏ ڪندڙ منطقي انجام تائين پهچائي سگهبا. ‘قانون جي مٿڀرائپ’، ‘انصاف ٿيندي نظر اچي’، ‘معاملا سِڌا سنوان اڳتي وڌن’- اهي ٽيئي شيون ان کانسواءِ ممڪن ناهن ته هر سطح تي سهولتڪاريءَ جي حوصلي شڪني ڪئي وڃي،
جيڪا ظاهري طور تي ممڪن ناهي. ڇو ته ذاتي جماعت ٺهرائڻ جو شوق رات وچ ۾ پورو ناهي ٿيندو پر ان جي لاءِ 1988ع کان ئي ڪوششون ڪيون ويون هيون. سالن جي سفر کان پوءِ مارچ 2000ع ۾ حتمي فيصلو ڪيو ويو ته ٽئين قوت جي طور تي اهڙي سياسي جماعت ۽ قيادت آندي وڃي، جيڪا اشارن تي هلي. ان انتظام لاءِ سياسي عمل ۽ نظام کي برباد ڪرائڻ ۾ جن ڪا ڪسر نه ڇڏي هئي، اهي به صورتحال جا ايترائي ذميوار آهن، جيترا 9 مئي جا منصوبا ساز ۽ ڪردار، يا وري 9 مئي کانپوءِ سهولتڪاريءَ ۾ مصروف عناصر. اڀاڳ اهو آهي ته، اسان وٽ آئين ۽ قانون جي حاڪميت ۽ سياسي جٽاداري کان وڌيڪ اداره جاتي مفادن جي تحفظ کي حرف آخر سمجهيو ويندو آهي.
تمام گهڻو ضروري آهي ته، پهرين پهرين ان سوچ جي خاتمي لاءِ ڪُجهه ڪيو وڃي، ڇو ته جيستائين اها سوچ موجود آهي. ڪنهن به ناخوشگوار واقعي جي منصوبا سازن ۽ ڪردارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جاڳندڙ اک جي خوابن جهڙو ئي هوندو. هِي اهو ئي نقطو آهي، جنهن تي ٿڌي دل سان ويچارڻ جي ضرورت آهي. ان سان گڏوگڏ اها ڳالهه پڻ خاص طور تي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته، جيستائين ادارا پسند ۽ ناپسند ۽ سهولتڪاريءَ جي راندين کان پاڻ کي ڌار ڪري آئين مطابق نظام ۽ سياسي عمل کي نٿا هلڻ ڏين،
ان وقت تائين هِي ملڪ هڪ تماش گاهه ته رهندو، پر هڪ اهڙي قومي جمهوري فلاحي رياست بڻجي نه سگهندو، جيڪا 25 ڪروڙ ماڻهن کي مثالي ماحول، سهولتون، انصاف ۽ برابريءَ تي ٻڌل نظام فراهم ڪري سگهي. اسان اُميد ئي ڪري سگهون ٿا ته، طاقت ۽ اختيارن جي مرڪزن ۾ ويٺل ماڻهو انهن ڳالهين تي غور ڪرڻ لاءِ ڪُجهه وقت ڪڍي وٺن ته جيئن مستقبل جي بحرانن، اڻ ٿيڻين ۽ تباهيءَ کان بچي سگهجي.
