سڪرنڊ: جماعت اسلامي جي مرڪزي سڏ تي اسرائيل خلاف ۽ فلسطين جي حمايت ۾ “غزه بچايو ” ريلي ڪڍي وئي
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) جماعت اسلامي جي مرڪزي امير حافظ نعيم الرحمان جي سڏ تي پوري پاڪستان جيان سڪرنڊ ۾ پڻ اسرائيل خلاف ۽ فلسطين جي حمايت ۾ الخدمت ڪلينڪ کان چانڊيه پيٽرول پمپ تائين “غزه بچايو ” ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن کانسواءِ شهرين پڻ شرڪت ڪئي ريليءَ ۾ اسرائيل خلاف اُڀ ڏاريندڙ نعري بازي ڪئي
ان موقعي تي ضلعي نائب امير ڪنور راشد مڪرم خطاب ڪندي چيو ته دنيا ۾ ڏيڍ ارب مسلمان هئڻ باوجود فلسطين جي مسلمانن تي اسرائيل پاران ظلم جا جبل ڪيرائڻ تي سندن خاموشي سواليه نشان آهي
هن چيو ته پوڙها ، جوان ۽ عورتون ظلم جو شڪار ٿي رهيا آهن جڏھن ته ننڍن ٻارن سميت ڪيترائي شهيد ٿي چڪا آهن ان ڪري هن وقت ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته وقت جي حڪمرانن جو ضمير جاڳائڻ لاءِ پاڻ کي متحد ٿيڻو پوندو ته جيئن اسان پنهنجي قبله اول جي حفاظت لاءِ اٿي بيهون
۽ حڪمرانن کي ڪجھ ڪرڻ تي مجبور ڪيون ريليءَ کي امير جماعت سڪرنڊ عاشق حسين پٺاڻ ، پ ٽ الف جي صدر ارباب علي پرهياڙ ۽ توصيف رحماني پڻ خطاب ڪيو .
جُون 1, 2024