ڪراچي: صفوران ٽائون ۾ بنيادي مسئلن جي حل لاءِ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي پاران پريس ڪانفرنس

Spread the love

ڪراچي (رپورٽ : ثناء ﷲ هڪڙو ) صفوران ٽائون ۾ پيئڻ جي سخت پاڻي، بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ، ڳرا بل موڪلڻ سميت ٻين بنيادي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪندڙ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي پاران اوڀر پريس ڪلب ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس پاڻي بعد ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا جي زيادتين خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ان سلسلي ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن خليل شاہ، حماد اللہ، آفتاب گوپانگ، واحد مغيري، مدثر سرڪي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جوڙڻ جو بنيادي مقصد عوامي مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙ ڪرڻ آهي

 جنھن ۾ اسين ڪاميابي طرف وڃي رهيا آهيون صفوران ٽائون جي مختلف علائقن ۾ پاڻي کوٽ سميت ٻين بنيادي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد تي پيپلزپارٽي پارٽي سان لاڳاپل چند نادان ماڻهو سياسي مقابلو ڪرڻ بدران اسان جي خلاف سوشل ميڊِيا تي منفي پروپيگنڊا ڪري رھيا آھن.پر اسين انھن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا تہ اوھين ڪھڙيون بہ سازشون ڪريو پر اسين پنھنجي مقصد تان پوئتي نه هٽنداسين ھنن وڌيڪ چيوته جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي وڌيڪ منظم ڪيو ويو آھي

 پاڻي بعد ڪي اليڪٽرڪ جي زيادتين خلاف جلد جدوجهد ڪئي ويندي ڇاڪاڻ تہ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪرڻ باوجود صارفين ڏانهن ڳرا بل موڪلي سندن پريشان ڪري پئي ان حوالي سان عوامي رابطہ مهم هلائي ويندي

 ھنن وڌيڪ چيوته اسان جو احتجاج ڪنھن فرد نہ پر اداري خلاف آهي جنھن کي ذاتي نہ سمجهيو وڃي اسين واضع ڪريو ثا تہ پاڻي وڪرو ڪيو وڃي جنھن جو مثال غاري ڳوٺ آھي جنھن ۾ اھو اعلان ڪيو ويو تہ پاڻي لائين ڏني ويندي پر بعد ۾ ماڻهن کا رشوت طلب ڪئي وئي ان لاء اسين پيپلزپارٽي جي قيادت کي اپيل ثا ڪريون تہ صورتحال جو جائزو وٺي ھنن چيو تہ سائين جيئم سيد جي نالي سان منسوب گرائونڊ جو نالو تبديل ڪرڻ ھڪ سازش آهي ھنن چيو تہ وڏي افسوس جي ڳالهه اها آهي

 تہ يوسي ٽائون کا ويندي ميئر تائين پيپلزپارٽي سان لاڳاپل ماڻھن جي ھٿ ۾ ھوندي بہ مسئلا حل نہ ٿيڻ شرم ناڪ ڳالھہ آھي جيستائين ترقياتي اسڪيمن کي ڪرپشن جي ور چاڙهيو ويندو اھي عوام لاء لاڀاتئي ثابت نہ ٿينديون جنھن جو مثال سچل ڳوٺ ڊرنيج ۽ سيوريج لائين ميگا اسڪيم آھي جيڪا ڪرپشن جي ور چڙهي وئي آهي جنھن جو پڻ نوٽيس ورتو وڃي.

جُون 1, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو