پاڪستان جا ٻار ٽيڪنيڪل فيلڊ کي نظر ۾ رکندي ٻاهرين ملڪ وڃن ته اسان کي آئي ايم ايف ڏانهن وڃڻ جي ضرورت ئي نه پوندي: سيد خورشيد احمد شاهه

Spread the love

سکر (  رپورٽ:امداد علي گل ڪلوڙ ) تقريب جو مهمان خاص ۽ اڳوڻو وفاقي وزير ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه آئي بي اي يونيورسٽي ۾ سکر انڊسٽريل انڪليو جي سنگ بنياد واري ڪوٺايل تقريب سان ڲالهائيندي چيو ته سکر انڊسٽريل انڪليو جو بنياد رکڻ وقت تمام گهڻي خوشي ٿي آهي.

هي منصوبو پوري خطي لاء گيم چينجر ثابت ٿيندو. هن چيو ته ان ملڪ جا ماڻهو ڪڏهن به بک نه مرندا جنهن ملڪ ۾ ٽيڪنيڪل عوام هوندو اسان کي ملڪ اندر ٽيڪنيڪل ماڻهو پيدا ڪرڻا آهن.

 هن چيو ته  اسان جو ملڪ قدرتي وسيلن سان مالامال آهي ان مان فائدو نه وٺڻ اسان جي ناڪامي آهي. ملڪ اندر ماحوليات, صحت, تعليم جي شعبن ۾ پڻ ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. پاڪستان جو تعليمي سسٽم پراڻو آهي هاڻي ان کي تبديل ڪرڻ گهرجي حڪومت ۾ رهي مون ان تي ڪافي ڪم پڻ ڪيو. 

هن چيو ته آئي بي اي, آرٽ اينڊ ڊزائن جهڙا ادارا ملڪ ۾ هئڻ گهرجن ته جيئن ٻار ڊگري پوري ڪري ڪنهن ڏانهن به نوڪري لاء پنڌ نه ڪن, ٽيڪنيڪل تعليم جي ملڪ جي تعليمي ادارن اندر سخت ضرورت آهي. هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان جا ٻار ٽيڪنيڪل فيلڊ کي نظر ۾ رکندي ٻاهرين ملڪ وڃن ته ملڪ کي آئي ايم ايف ڏانهن وڃڻ جي ضرورت ئي نه پوندي.

 اڲوڻي وفاقي وزير چيو ته سيڙپڪاري لاء سکر وڏي اهميت رکي ٿو, پر افسوس سنڌ ۽ بلوچستان ۾ موٽروي نه آهن هن چيو ته خواهش آهي ته ڪيٽي بندر کي پڻ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت آندو وڃي يقين آهي ته دنيا مان ماڻهو سيڙپڪاري لاء اتي ايندا. اڲوڻي وفاقي وزير چيو ته دنيا اندر ٽئين نمبر تي سستي بجلي ڪوئلي مان ملي ٿي هتي 200 سال تائين جو ڪوئلو دستياب آهي ملڪ کي ان طرف به گهري نظر سان ڏسڻ گهرجي.

تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ اڪنامڪ زون مينيجمنٽ ڪمپني جي بورڊ ميمبر قاسم نويد قمر چيو ته هن منصوبي کي جلد شروع ڪرڻ لاء اڲوڻي وفاقي وزير ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه جون تمام گهڻيون ڪاوشون رهيون آهن۔ هن چيو ته مستقبل کي سهارو ڏيڻ لا انڊسٽريز تمام لازمي آهن. هن پروجيڪٽ کي اهڙي نموني ڊزائن ڪيو ويو آهي ته جيئن ان مان وڌ کان وڌ لاڀ حاصل ڪري سگهون.

 سکر جي بهتري لاء سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي سنڌ اڪنامڪ زونز مينيجمبٽ ڪمپني جي چيف آپريٽنگ آفيسر عبدالعظيم عقيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هن پروجيڪٽ جي لوڪيشن تمام بهترين آهي ان مان پاڪستان جي ڊومسٽڪ مارڪيٽ کي پڻ تمام گهڻو فائدو ملندو. سکر انڊسٽريل انڪليو منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي موڊ تي ڪم ڪندو.

هن پروجيڪٽ مان سڌي اڻ سڌي طرح لڲ ڀڲ 25 هزار نوڪريون ملنديون جڏهن ته ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر پڻ ان منصوبي جو حصو بڻجندو. هن منصوبي جي ماسٽر پلان تي پڻ ورڪنگ جاري آهي جنهن لاء سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي پڻ مدعو ڪيو ويندو. سڪيورٽي جي مسئلي تي هڪ جامع حڪمت عملي جوڙي ويندي جتي گنجائش سمجهي ان کي ڏٺو ويندو.

 ان موقعي تي بائيو مصدر پرائيويٽ لميٽيڊ جي سي اي او حسن بلگرامي  ڲالهائيندي چيو ته پاڪستان جي ڪافي زونز جو عملي جائزو وٺڻ کان پو اهو فيصلو ڪيو ويو ته اڪنامڪ زون لاء خيرپور هڪ بهترين جڲهه آهي جنهن جي لوڪيشن تمام گهڻي اهميت جي حامل آهي. انڊسٽريز جي قيام سان نوڪرين جنريٽ ٿين ٿيون. تقريب سان سکر چيمبر آف ڪامرس جي اڲوڻي صدر عامر غوري ڲالهئيندي چيو ته اڄوڪو ڏينهن سکر جي تاريخ جو يادگار ڏينهن آهي ان سلسلي ۾ سکر چيمبر 2021 ۾ ميٽنگ ڪئي ته سکر کي اڪنامڪ زون جي ضرورت آهي

 ان جي قيام ۾ اڲوڻي وفاقي وزير ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه جون تمام گهڻيون ڪاوشون آهن سکر  انڊسٽريل انڪليو جي سنگ بنياد رکڻ ۾ سنڌ حڪومت مبارڪباد جي مستحق آهي اها سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي گڏيل ذميواري آهي ته ان منصوبي کي ڪامياب بڻايون ۽ اها سڀني جي خواهش آهي ته سکر کي ڊرائي پورٽ ڏنو وڃي ۽ سڪيورٽي جي نظام کي پڻ بهتر بڻايو وڃي.

ان کان اڲ اڲوڻي وفاقي وزير ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه اروڙ يونيورسٽي ويجهو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي تحت 400 ايڪڙ زمين تي پکڙيل سکر انڊسٽريل اڪليو جو سنگ بنياد پڻ رکيو. ان موقعي تي سنڌ اڪنامڪ زونز مينيجمنٽ ڪمپني جي سي ٽي او فريد احمد شيخ, ڪمشنر سکر ڊويزن فياض حسين عباسي, ڊي سي سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌايجو, اي سي روهڙي, پروجيڪٽ مينيجر نعيم شيخ, مارڪيٽنگ هيڊ هماد شمس, آئي بي اي يوبيورسٽي سکر جو وي سي سميت ٻيا لاڲاپيل آفيسر پڻ موجود هئا.

جُون 1, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو