”9 مئي ۾ ملوثن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ وسيع مفاد لاءِ لازمي آهي“
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي عسڪري قيادت فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته ملڪ جي وسيع مفاد ۾ لازمي آهي ته 9 مئي جي منصوباسازن، جوابدار ۽ سندن حوصلا افزائي ڪندڙن ۽ سهولتنڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، نشانِ امتياز ملٽري جي صدارت هيٺ 83هين فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي.
مَي 30, 2024