دادو: سيٺ عبدالمجيد ميمڻ ھن فاني دنيا مان رضا الاهي سان انتقال ڪري ويو
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو يوسي 2 جو اڳوڻو ناظم ميمڻ برادري دادو جو اڳواڻ مشھور سماجي شخصيت سيٺ عبدالمجيد ميمڻ ھن فاني دنيا مان رضا الاهي سان انتقال ڪري ويو،
مرحوم نوابشاھ جي مشھور ڊاڪٽر عبدالقيوم ميمڻ ۽ ھائوس بلڊنگ اٿارٽي نوشھرو فيروز جي انجنيئر عبدالعليم ميمڻ جو وڏو ڀاءُ ۽ لا ڪاليج دادو جي پرنسپال شفيع محمد ميمڻ جو ڀاڻج ھئو،
سندس جنازي نماز ۾ مختلف مڪتبه فڪر جي شخصيتن شرڪت ڪئي کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، سندس تڏو پراڻي سبزي منڊي لڳ وڇايو ويو آهي سندس پونئيرن سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي.
مَي 29, 2024