عامر خان جو خاندان بي گهر ٿيڻ کان بچي ويو

Spread the love

بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان جو چوڻ آهي ته مون تي هڪ اهڙو وقت به آيو هو ته سڄو خاندان بي گهر ٿيڻ وارو هو.
ماضي ۾ ڏنل انٽريو ۾ عامر خان چيو هو ته منهنجو خاندان امير نه هو ۽ مان منهن ۾ چاندي جو چمچو کڻي پيدا نه ٿيو هئس، ان جو سبب اهو آهي ته منهنجو والد پروڊيوسر ته هو پر سٺي بزنس ۾ نه هو، هو سٺي فلمون ٺاهيندو ته هو پر سدائين پئسا وڃائيندو هو.
اداڪار ٻڌايو ته منهنجو والد گهڻو قرضي هو، هڪ وقت اهڙو به آيو ته منهنجو خاندان بي گهر ٿيڻ وارو هو.
هن جو چوڻ هو ته ٻئي پاسي منهنجو ننڍپڻ وڏو خوشگوار هو، ڏکي وقت باوجود والد صاحب وڏي جدوجهد ڪئي.
ياد رهي ته ان کان پهريان به هڪ انٽرويو ۾ عامر خان پنهنجي ماضيءَ جي حوالي سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ان وٽ اسڪول فيس جا به پئسا نه هئا.

مَي 29, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو