راڻي پور: نصرالله گڏاڻي جي ناحق خون ۽ سندس قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاھرو

Spread the love

راڻي پور (رپورٽ: سعيداحمدسھتو  ) عوامي آواز  ميڊيا گروپ ميرپور ماٿيلو جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي جي ناحق خون ۽ سندس قاتلن جي گرفتاري لاءِ عوامي آواز ميڊيا گروپ ۽ پريس ڪلب راڻي پور جي قلم ڌڻين صوفي ياسين راڄپر شبير جعفري ،قربان علي منگي ،سيد زوار حسين شاھ ،فياض حسين راڄپر ، عبدالشڪور وساڻ عبدالرحيم سولنگي ،رضا راڄپر ،اسرار عمراڻي ايڊووڪيٽ آصف نواز ڄامڙو ،اوشاق ڄامڙو نثار ڀٽو، عبدالخالق گلال ،فقير محمد عباسي انور ناريجو، جعفر راڄپر نديم شيخ، بهادر کوکر، ڊاڪٽر نذير کوکر ،امداد لاڙڪ، ساجد منڱريو شڪيل ڄامڙو ـ سعيداحمد سھتو،نثار سهتو  ٻيا ڪري ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ۾ شريڪ قلم ڌڻين شھيد جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ھٿن ۾ پينا فليڪس ۽ پلي ڪارڊ ھٿن ۾ کڻي سخت نعري بازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي سردارن، وڏيرن ۽ ڀوتارن خلاف آواز اٿارڻ تي صحافي نصر الله گڏاڻي کي شهيد ڪيو ويو، صحافي جيڪي هر وقت مظلوم ماڻهن جي نمائندگي ڪندا آهن ۽ سندن دانهن اعليٰ ايوانن تائين پهچائيندا آهن.

 پر وقت جي رهزنن ۽ قاتلن پاران عوام جي نمائندگي ڪندڙ صحافي کي گولين جو کاڄ بنائي ۽ شهيد ڪري انھن جو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. جيڪو عمل مذمت جوڳو آھي. جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.  ھنن وڌيڪ چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي هميشه مظلوم ماڻهن جو ڀرجهلو رهيو سدائين ظلم ۽ زيادتين خلاف آواز بلند ڪندو رهيو.

هنن مطالبو ڪندي چيو ته شهيد ٿي ويل صحافي جان محمد مهر ۽ نصرالله گڏاڻي جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري وارثن ۽ صحافين سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي صورت ۾ سموري سنڌ ۾ صحافي سراپا احتجاج هوندا.

مَي 27, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو