سکر ۽ ڀرپاسي ۾ گرمي پد 50 سينٽي گريڊ کان چڙھي ويو، برف بليڪ تي وڪرو ٿيڻ لڳي

Spread the love

سکر(بيورورپورٽ) سکر ۽ ڀرپاسي ۾ گرمي پد 50 سينٽي گريڊ کان چڙھي ويو ـ برف بليڪ تي وڪرو ٿيڻ لڳي آھي ـ ٿڌين شين جو واھپو وڌي ويو ـ قيامت جھڙي ۾ ڪيترن ئي علائقن ۾ بار بار جي لوڊشيڊنگ ۽ ڪجھ چاين تي بجلي جا ٽرانسفارمر سڙي وڃڻ جي ڪري بجلي ڪيترائي ڪلاڪ معطل ٿي آھي ـ

ڳتيل آبادي واري علائقن پراڻي سکر نوان ڳوٺ نوان پنڊ سليپر فيڪٽري ۽ ٻين ھنڌنن تي بجلي جا ٽرانسفارمر نه ھجڻ سبب شھري سراپا احتجاج نظر آيا ـ شھرين سيپڪو خلاف مظاھرا ڪري زوردار نعري بازي ڪئي وئي ۽ ڌرڻا ھڻي روڊ بند ڪيا ويا آھن 

جن سبب ٽريفڪ ۾ خلل پڻ پيو ـ شمس آباد واسين پريس ڪلب اچي احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ـ ان موقعي تي سکر سماجي فورم جي جنرل سيڪريٽري سينئير صحافي ۽ اديب مجيد نواز مغل ۽ واپاري اڳواڻ اشفاق راجپوت جي اڳواڻي ۾ سيپڪو سب ڊويزن 3 جي آفيس تي احتجاج ڪيو ويو ـ

 ان موقعي تي تقرير ڪندي ھنن چيو ته قيامت واري گرمي ھجڻ بوجود سيپڪو جي ڪارڪردگي نھايت ناقص آھي بجلي صارفين وڏيون رقمن جا بل ادا ڪن ٿا پر بجلي کين وقفي وقفي سان ڏني وڃي ٿي ـ ان سبب واپاري سرگرميون پڻ سخت متاثر ٿي رھيون آھن ـ شڪايتون ڪرڻ ڀاوچود ڪجھ نٿو ڪيو وڃي ـ

مَي 27, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو