سانگهڙ ۾ جوا جي وڏي اڏي تي پوليس جي ڪارروائي، 30 جواري گرفتار
سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ۾ جوا جي وڏي اڏي تي پوليس جي ڪارروائي، 30 جواري گرفتار، 73410 رپيا روڪ رقم، تاش پاتا ۽ جوا ٻيو سامان هٿ، 15 موبائل فون، هڪ آلٽو ڪار ۽ 27 موٽرسائيڪلون پوليس پنهنجي قبضي ڪري ورتون،
شاهپورچاڪر ۾ ماوا گٽڪا ٺاهڻ واري فيڪٽري تي ڇاپو، 265 پڙيون تيار ماوا گٽڪا ۽ 02 ڪلو ماوا گٽڪا بنا پيڪنگ جي، 02 منشيات فروش گرفتار، ڪشور ڀيل کان بنا لائسنس ٽي ٽي پسٽل برآمد، چرس جو ڊيلر گرفتار، 200 گرام چرس هٿ،
ايس ايس پي سانگهڙ اعجاز احمد شيخ جي هدايتن تي ڏوهارين ۽ منشيات فروشن خلاف ڪامياب ڪارروايون (پوليس جي پريس رليز موجب) ضلعي سانگهڙ ٽاسڪ فورس جي انچارج ايس ڊي پي او ٽنڊوآدم محمد موسيٰ ابڙو، ايس ڊي پي او شهدادپور سيد تنوير احمد ڪاظمي پنهنجي ماتحت عملي سان گڏ جوا جي اڏي تي وڏي ۽ ڪامياب ڪاروائي ڪندي 30 جوارين کي گرفتار ڪري ورتو
رپين جي رقم هٿ ڪري ورتي. ان کان علاوه تاش جا پتا، جوا جو ٻيو سامان به هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس 15 موبائيل فون، هڪ الٽو ڪار ۽ 27 موٽرسائيڪلون پڻ هٿ ڪيون ويون. ايس ايڇ او شاهپورچاڪر رائو واجد علي ماوا گٽڪا ٺاهڻ واري فيڪٽري تي ڇاپو هڻي، ماوا گٽڪا جون تيار 265 پڙيون، ۽ پيڪنگ لاء تيار 02 ڪلو ماوا گٽڪا هٿ ڪري ورتو ٻه منشيات فروش گل حسن ۽ ظفر علي ڏاهري کي گرفتار ڪري ورتو.
ايس ايڇ او پيرومل محمد اسحاق سنگراسي چرس جي ڊيلر ريحان علي جوڻيجو کي گرفتار ڪري 95 گرام چرس هٿ ڪئي، جڏهن ته سندس ٻيو ساٿي عمران علي چانڊيو 90 گرام چرس اڇلائي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جڏهن ته ٻئي ڪاروائي دوران جوابدار ڪشور ڀيل کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان ٽي ٽي پسٽل هٿ ڪيو ويو آھي. گرفتار ٿيل منشيات فروشن خلاف منشيات ايڪٽ جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
مَي 26, 2024