فنڪارا سوميا خان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ گانو تيار ڪري ورتو

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) فنڪارا سوميا خان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ گانو تيار ڪري ورتو آهي.
گاني جي لانچنگ تقريب 29 مئي تي ٿيندي، گاني جا ليرڪس، ڪمپوزر عمران انيس، ڊائريڪٽر نويد چوڌري، ارينج ۽ ماسٽر تابش تافو اسٽوڊيو ۾ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
فنڪارا سوميا خان چيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ تيار ڪيل گانو ” جيتين گي جيتين گي ورلڊ هم جيتين گي“ جوش ولولي سان ڀرپور آهي جيڪو رانديگرن جي حوصلا افزائي ۽ لگن ۾ معاونت ثابت ٿيندو.
سوميا خان چيو ته سدائين منفرد ميوزڪ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ورلڊ ڪپ لاءِ گانو 29 مئي تي سوميا خان جي آفيشل چينل تي رليز ڪيو ويندو، لانچنگ تقريب پلاڪ ويجهو قذاقي اسٽيڊيم لاهور ۾ ٿيندي.

مَي 26, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو