ڀارتي نالي واري اداڪاره ڪرينا ڪپور راهول گانڌيءَ ساڻ ڊيٽ تي وڃڻ جي خواهشمند ظاهر ڪري ڇڏي

Spread the love

ممبئي ( ويب ڊيسڪ) ڀارتي سوشل ميڊيا تي بالي ووڊ جي بيبو ڪرينا ڪپور جي پراڻي انٽرويو ءَ جي هڪ ڪلپ تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هوءَ ڀارت جي مخالف ڌر جي اڳواڻ راهول گانڌي کي ڊيٽ ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪري رهي آهي. سال ٻه هزار ٻه ۾ ڪرينا ڪپور انڊسٽري ۾ صفا نئين هئي، ان دوران هوءَ ميزبان سِيمي گريوال جي مشهور ٽاڪ شو ” رينڊَ يوُو “ جي مهمان بڻي هئي جتي هن ڪيئي سوالن جا دلچسپ جواب ڏنا هئا. ان انٽرويو دوران ميزبان کائنس پڇيو ويو هو ته جيڪڏهن کيس ڪنهن سان ڊيٽ تي وڃڻو هجي ته ڪنهن سان ويندي، جنهن جي جواب ۾ بالي ووڊ بيبو چيو ته هوءَ نٿي ڄاڻي تي کيس ڇا چوڻ گهرجي، ڇو جو ان ۾ ڪائي خراب ڳالهه نه آهي،پر اها تڪراري ڳالهه ضرور آهي،  مان راهول گانڌي سان ڊيٽ تي وڃڻ چاهينديس. ڪرينا ڪپور جو چوڻ هو ته هن راهول گانڌي جون ڪيئي تصويرون ڏٺيون آهن ۽ انڪري کيس ڄاڻڻ چاهينديس. انٽرويو دوران سندس چوڻ هو ته هن جو واسطو هڪ اهم فلمي گهراڻي سان آهي پر راهول گانڌي مُلڪ جي وڏي سياسي گهراڻي سان تعلق رکي ٿو، سندن ٻنهي جي گفتگو مزيدار هوندي.

ان انٽرويوءَ کي ڪيئي سال گذري وڃڻ بعد جڏهن 42 ورهين جي اداڪارا کان ان بابت پڇيو ويو ته هن چيو ته اِهو انٽرويو ڏاڍو پراڻو آهي ۽ مون اِها ڳالهه انڪري ڪئي هئي جو ڀارت ۾ اسان ٻنهي جا خاندان تمام گهڻو مقبول آهن.

اپريل 30, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو