ڏوڪري تعلقي ۾ منشيات جو وڪرو رڪجي نہ سگهيو نشو واپرائڻ سبب نوجوان فوت

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري تعلقي ۾ منشيات جو وڪرو رڪجي نہ سگهيو نشو واپرائڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو آهي. ڏوڪري ويجھو ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻنڌي واسي 32 سالن جو نوجوان ڪامران ساريو نشو واپرائڻ سبب بيهوش ٿي ويو

 جنهن کي بيهوشي واري حالت ۾ ڏوڪري اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.

 ان حوالي سان فوتي جي سوٽ امداد ساريو جو چوڻ هو تہ ڏوڪري تعلقي جي هر ڳوٺ ۾ نشو سرعام وڪرو ٿي رهيو آهي جنهن ڪري نوجوان نسل تباھ ٿي رهيو آهي،

هن چيو تہ ڪامران ساريو نشو واپرائڻ دوران بيهوش ٿي ويو هو جنهن کي ڏوڪري اسپتال کڻائي آياسين جتي هو فوت ٿي ويو آهي.

مَي 25, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو