نصراللہ گڏاڻي سنڌ جي انهن بهادر صحافين مان هو جنهن ڪڏهن به قلم جو سودو نه ڪيو: سيد زين شاھ
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سيد زين شاھ جو چوڻ هو ته نصراللہ گڏاڻي سنڌ جي انهن بهادر صحافين مان هو جنهن ڪڏهن به قلم جو سودو نه ڪيو ۽ هميشہ پهنجي قلم وسيلي سنڌ جي اشوز کي نمايان رکي هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته گذريل 15 سال سنڌ ۾ قانون نالي ڪا شيء ناهي رهي پيپلزپارٽي سنڌ کي وڏيرن ۽ سردارن حوالي ڪري ڇڏيو آهي
جيڪي پهنجن علائقن ۾ الڳ رياست قائم ڪري ويٺا آهن ۽ جيڪو به آواز سندن خلاف اٿندو هي ڀوتار ۽ سردار انهن کي خاموش ڪرڻ لاءِ هر طريقو استعمال ڪندا.شهيڊ نصراللہ گڏاڻي ڪو پهريون شهيد ناهي ان کان اڳ جان محمد مهر، پروفيسر اجمل ساوند سميت ڪيترائي آواز هنن ڀوتارن ۽ سردارن هميشہ لاءِ خاموش ڪري ڇڏيا، ۽ انهيءَ سموري قبائلي سسٽم کي پيپلز پارٽي جي حڪومت سگھ بخشي آهي ته جيئن اهي وڌيڪ مظبوط ٿين ۽ سنڌ جو ماڻهو پهنجن بنيادي حقن کان لاتعلق رهي.شھيد نصراللہ گڏاڻي جو قتل هن رياست لاءِ کليو چيلينج آهي.
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي انهيءَ سموري بدامني، قتل و غارت جي ذميوار پيپلزپارٽي جي حڪومت کي سمجهي ٿي جيڪي انهن سمورن سردارن ۽ ڀوتارن جا سهولتڪار آهن، ھن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي شهيد نصراللہ گڏاڻي جي قتل جي جاچ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سينئر جج تي مشتمل جوڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي جيڪا انهيءَ قتل جي جاچ ڪري.
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڏک جي هن گهڙي ۾ شهيد نصراللہ جي پوئيرن ۽ سموري سنڌ جي باشعور صحافين سان تعزيت جو اظهار ڪري ٿي.
مَي 24, 2024