اھڙن تعليمي ميلن جي انعقاد لا۽ سڀني شاگردن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي: ڊاڪٽر جلباڻي
نواب شاھ ( رپورٽ: عبدالفتاح رند ) سيمسٽر جي پڄاڻيءَ تي شھيد بينظير ڀٽويونيورسٽي شھيد بينظير آباد جي ڊپارٽمينٽ آف انگلش، ڊپارٽمينٽ آف ميڊيا اسٽڊيز ۽ ڊپارٽمينٽ آف آرٽس اينڊ ڊزائين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران سندن نصابي عنوانن موجب (پوسٽر پريزنٽيشن) تصويرن جو نماءُ ڪيو ويو. جڏھن تہ جينيٽڪس ڊپارٽمينٽ جي فزڪس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران سائنس فيئر جو بھ انعقادڪيو ويو.
ھن نصابي سرگرمين جو مقصد شاگردن ۾ پنھنجن شعبن جي اھميت کي سمجھڻ ۽ مختلف تناظر ۾ استعمال ڪري شاگردن جي اعتماد کي بھتر ڪرڻ ھو. ان رنگا پروگرامن جي افتتاح وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي ڪيو.
جڏھن تہ شاگردن جي حوصلا افزائي لا۽ يونيورسٽي جا ڊينس پرروفيسر ڊاڪٽر لياقت علي زرداري، پروفيسر ڊاڪٽر سلمان بشير ميمڻ ۽ مختلف شعبن جا چيئرمين پڻ ھن نصابي سرگرمي ۾ شرڪت ڪئي. شعبن جي چيئرمينن ڊاڪٽر تانيہ لغاري، محمد حسين چانڊيو، دستار علي ڇانڊيو، ڊاڪٽر نادر دند ۽ سندس فيڪلٽي ميمبرن ڊاڪٽر شاھنواز ڦلپوٽو، آغا ڪوثر، ام رباب علوي، منظور منگي، ياسر عباسي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ڊاڪٽر جلباڻي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو تہ اهڙيون سرگرميون تخليقي صلاحيتن ۾ واڌارو ڪنديون آهن ۽ شاگردن ۾ مقابلي جو جذبو وڌنديون آهن. ھن قسم جون نمائشون تيڪنيڪي صلاحيتن کي اڀارڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿيون.
اھڙن تعليمي ميلن جي انعقاد لا۽ سڀني شاگردن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي جيئن وڌ کان وڌ شاگرد پاڻ سکي سگهن. ھن وڌيڪ چيو تہ اھڙين نصابي سرگرمين سان شاگردن جو اعتماد بحال ٿئي ٿو.
اھي ھن سرگرمين ذريعي پنھنجي ووڪيبلري وڌائي سگهن ٿا. اڄ جا شاگرد سڀاڻي جا استاد آھن، مستقبل ۾ کين ھڪ بھترين ليڊر ٿيڻو آھي. اميد ڪري سگھجي ٿي تہ ماضي جيان مستقبل ۾ بہ شھيد بينظير ڀٽويونيورسٽي جا شاگرد پاڻ کي مڃائيندا.
مَي 22, 2024