شفا فائونڊيش پاران سول اسپتال سانگھڙ ۾ ٿڌي پاڻي جي في سبيل الله ڪيمپ لڳائي وئ
سنجھورو ( رپورٽ: احمد حسن خاصخيلي ) شفا فائونڊيش جي سھڪار سان شفا فائونڊيش جي عھديدارن جنهن ۾ ڊسٽرڪٽ پروجيڪٽ مينيجر سميرا زرداري مونزا عظيم منصور سومرو ريجنل شفا فائونڊيش ادريس لغاري سجاد جانوري معظم وساڻ شوڪت شيخ ۽ ٻين عھديدارن جي اڳواڻي ۾ سول اسپتال سانگھڙ ۾ ٿڌي پاڻي جي في سبيل الله ڪيمپ لڳائي وئي
خبر موجب سانگھڙ سول اسپتال ۾ گهڻي گرمي ھجڻ جي ڪري شفا فائونڊيش جي عھديدارن جنهن ۾ ڊسٽرڪٽ پروجيڪٽ مينيجر سميرا زرداري مونيزا عظيم ريجنل شفا فائونڊيش منصور سومرو ادريس لغاري سجاد جانوري معظم وساڻ شوڪت شيخ ۽ ٻين عھديدارن جي اڳواڻي ۾ سانگھڙ سول ۾ اعلاج جي لاء ايندڙ ماروئڙن جي لاء گهڻي گرمي ھجڻ جي ڪري في سبيل الله ٿڌي پاڻي جي ڪيمپ لڳائي وئي
جنهن ۾ سول اسپتال سانگھڙ ۾ اعلاج جي لاء ايندڙ مريضن ۽ سانگھڙ جي عوام پڻ گرمي ۾ ٿڌي پاڻي جي سبيل پيتي شفا فائونڊيش جي ڊسٽرڪٽ پروجيڪٽ مينيجر سميرا زرداري ۽ ٻين عھديدارن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي اداري شفا فائونڊيش ھميشه غريب مسڪين ماروئڙن جو سھارو بڻي آهي اسان جي اداري ڳوٺن ۾ به برسات توڙي زلزلا ۽ ٻين قدرتي آفتن ۾ ھميشه غريب ماروئڙن جي مالي مدد ڪئي آهي ۽ ڪري رھيا آھيون
شفا فائونڊيش ضلعي سانگھڙ جي مختلف ڳوٺن توڙي شھرن ۾ مھانگائي جي ستايل عوام جي مالي مدد ڪري ھميشه غريب ماروئڙن کي رليف ڏنو آهي.
مَي 21, 2024