عوام کي هيٽ ويو (HEAT WAVE)کان بچائڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران کنيل قدم
اعجازتيوڻو/نواب شاھه
گذريل ڪجھ سالن کان پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ هيٽ اسٽروڪ جا ڪيترائي ڪيس سامهون آيا جڏهن ته هلندڙ سال پڻ موسميات کاتي موجب ڏينهون ڏينهن گرمي جي شدت ۾ اضافو ٿي رهيو آھي جنهن جي ڪري گرمي لڳڻ عام آھي جيڪا نه صرف صحت پر زندگي لاءِ بہ خطرناڪ ٿي سگھي ٿي 40 سينٽي گريڊ کان وڌيڪ گرمي پد دوران احتياطي اپائڻ تي عمل نه ڪرڻ اها لاپرواهي موت جو سبب بڻجي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته انسان جي جسم جو گرمي پد 37 ڊگري سينٽي گريڊ ھوندو آهي جيڪڏھن انسان ڪنھن اهڙي ماحول ۾ ڪم ڪري جتي گرمي پد 40 کان 50 سينٽي گريڊ ھجي تہ اتي جسم جو گرمي پد پڻ وڌي وڃي ٿو ۽ جسم جو ڪولنگ سسٽم ٺپ ٿي وڃي ٿو جڏھن جسم جو گرمي پد 42 سينٽي گريڊ تائين پھچي ٿو تڏھن رت گرم ھئڻ شروع ٿئي ٿو ۽ رت ۾ موجود پروٽين پڪجڻ شروع ٿين ٿا ساھ کڻڻ ۾ پڻ تڪليف ٿئي ٿي جسم جو پاڻي گھٽ ٿيڻ سبب رت ڳاڙھو ٿيڻ سميت بلڊ پريشر لو ٿئي ٿو خاص ڪري دماغ تائين رت جي رسائي بند ٿي وڃي ٿي ان لاءِ جسم فوري طور تي پگھر خارج ڪندو آھي ته جئين گرمي پد 37 سينٽي گريڊ تائين رکي سگهجي ۽ اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهندو جڏهن جسم ۾ پاڻي موجود ھوندو جئين ئي جسم ۾ پاڻي جي مقدار گھٽ ٿيندي ويندي جسم جوگرمي پد وڌندو ويندو ۽ جسم هيٽ اسٽروڪ جو شڪار ٿيندو جنھن جو اھم ڪارڻ گرم موسم ۾ جسماني ڪم ڪرڻ ،سج جي روشني ۾ وڌيڪ رھڻ، پاڻي جو گھٽ استعمال ڪرڻ، بغير ڪپڙي جي اُس ۾ نڪرڻ، گرمي ۾ غيرضروري ڪپڙا پائڻ ،گرمي مان اچي ترت وهنجڻ آهي هيٽ ويو جون علامتون اوچتو مٿي ۾ تيز سور ٿيڻ، اکين اڳيان اونداهي اچڻ، چڪر، الٽيون اچڻ، ساھه کڻڻ ۾ تڪليف ٿيڻ، گهڻو پگهر اچڻ، گهڻي ڪمزوري محسوس ڪرڻ، بيهوشي ، دل جو ڌڙڪو تيز ٿيڻ، چهرو گرم، ڳاڙهو يا خشڪ ٿيڻ ۽ تيز بخار اچڻ شامل آهي گرمي لڳي وڃڻ جي صورت ۾ متاثر شخص کي گرم جاء مان ٿڌي جاء تي منتقل ڪرڻ سميت ٽنگون جسم کان ٿورو مٿي رکڻ، ترت ٿڌو پاڻي واپرائڻ، بٽڻ کولي ڇڏڻ، اضافي ۽ گرم ڪپڙا فوري طور تي لاهي ڇڏڻ، جوتا، ٽائي، شرٽ پڻ لاهي ڇڏڻ، تبيعت ۾ بهتري اچڻ کانپوءِ وهنجارڻ ۽ اسپتال ۾ داخل ڪرڻ آهي هيٽ اسٽروڪ کان بچاءُ جو واحد حل احتياط آهي انهي لاءِ گهڻي کان گهڻو پاڻي استعمال ڪجي ۽ گرم صحت لاءِ هاڃيڪار نشي واريون شيون، ڪولڊرنڪ جي استعمال کان پاسو ڪيو وڃي جڏهن ته گرمي دوران مجبوري جي حالت ۾ اس ۾ وڃڻون پئي ته مٿو ڍڪڻ، ڇٽري جو استعمال ڪرڻ، اس مان واپسي تي جلدي اي سي جي هيٺيان نه ويهڻ ، جسماني مزدوري جو ڪم ڏينهن جي آغاز ۽ شام جي وقت ڪرڻ، گرمي جي موسم ۾ سلاد، سبزي ۽ ڇانهين جو وڌيڪ استعمال ڪرڻ سان ئي گرمي کان بچي سگهجي ٿو
موسميات کاتي پاران ملڪ خاص ڪري سنڌ ۾ گرمي پد وڌڻ جي اڳڪٿي کانپوءِ سنڌ حڪومت جي هدايتن تي عوام کي گرمي کان بچائڻ لاءِ ڊويزنل توڙي ضلعي انتظاميه پاران روينيو ۽ ٽائون انتظاميه جي مدد سان سمورن ضلعن جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ٿڌي پاڻي جون سبيلون لڳائڻ سميت سمورن بيسڪ هيلٿ يونٽن ۽ اسپتالن ۾ هيٽ اسٽروڪ وارڊ قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ دوائن جي دستيابي، ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جي مقرري کي يقيني بڻايو ويو آهي جڏهن ته عوام کي گرمي کان بچائڻ لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ لاءِ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا ذريعي پڻ آگاهي فراهم ڪئي پئي وڃي ته جئين قهر جهڙي گرمي کان ماڻهن جون قيمتي زندگيون بچائي سگهجن ڇاڪاڻ ته انساني زندگي جو ڪوبه نعماالبدل نه آهي مان سمجهان ٿو ته اسان جي ملڪ ۾ گرمي وڌڻ جو سبب وڻ گهٽ هئڻ آهي جيڪڏهن اسان ايندڙ ڪجھ سالن ۾ وڻڪاري نه ڪئي ته اسان جي ملڪ جو گرمي پد تمام گهڻو وڌي ويندو جيڪو انسانن ۽ جانورن لاءِ تمام گهڻو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو گرمي پد تي ڪنٽرول ڪرڻ جو واحد حل وڻڪاري مهم آهي ملڪ به سرسبز ٿيندو ۽ گرمي پد به گهٽجي ويندو عوام کي اپيل آهي ته گرمي جي موسم ۾ هيٽ ويو کان بچڻ لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪن ۽ هيٽ ويو جي نقصانن بابت عوام ۾ آگاهي بيدار ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ سان گڏوگڏ ملڪ جو گرمي پد گهٽائڻ لاءِ وڻ لڳائڻ ۽ انهن جي سارسنڀال لاءِ حڪومت جو ساٿ ڏين.
(ختم شده)
مَي 21, 2024