ٽنڊوڄام زرعي تحقيقي اداري جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتاءِ لاءِ احتجاجي مظاھرو
ٽنڊوڄام (رپورٽ: واجد علي چانڊيو) ٽنڊوڄام زرعي تحقيقي اداري جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتاء لاءِ ڊائريڪٽر ايگرڪلچر ريسرچ جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪندي سخت نعريبازي ڪئي،احتجاج جي اڳواڻي سارنگيا جي صدر محمد ملوڪ اڄڻ، ممتاز بلوچ،ديدار سولنگي ۽ ٻين ڪئي،
انھي موقعي تي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته اداري جي رھائشي ڪالوني جا ڪوارٽر انتھائي زبون حالت ۾ آھن ڪيترائي ڀيرا لکت ۾ ڏيڻ باوجود ڪوارٽرن جي مرمت نه پئي ڪرائي وڃي،
ايگريڪلچر ريسرچ جي ملازم ديدار سولنگي دانھيندي چيو ته ٻه ڏينھن اڳ منھنجي ڪوارٽر جي ڇت جا سمورا چاپڙ دماڪي سان ڪري پيا جنھن ۾ منھنجي فيملي معجزاڻي طور محفوظ رھي ڪوارٽرن جي مرمت نه ٿيڻ سبب اسان جي گھرڀاتين جي زندگين کي خطرو لاحق آھي اسان مطالبو ٿا ڪيو ته سنڌ حڪومت نوٽيس وٺي اسان جا جائز مطالبا حل ڪرائي ڏي،
جڏھن ته ڊائريڪٽر جرنل ايگري ڪلچر سنڌ نور محمد بلوچ احتجاج ڪندڙ ملازمن سان ڳالھيون ڪيون ۽ يقين ڏياريو ته ملازمن جي ڪوارٽرن جي مرمت جلد کان جلد ڪرائي ويندي ۽ ملازمن جا سمورا جائز مسئلا پڻ حل ڪرڻ جي مڪمل ڪوشش ڪئي ويندي ڊائريڪٽر پاران خاطرين کانپوءِ ملازمن پاران احتجاج ختم ڪيو ويو.
مَي 20, 2024