شهيد جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ميرپور ماٿيلي ۾ احتجاجي مظاهرو
ميرپور ماٿيلو(رپورٽر) نجي ٽي وي نيوز جي سڏ تي شهيد جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڊي ايڇ ڪيو پريس ڪلب ميرپورماٿيلو آڏو صحافين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،
ان موقعي تي اڳواڻن ايازکهاوڙ، جلال بوزدار، نواز جلباڻي، رمضان ڪلوڙ ، ميرحسن لاشاري ، لطيف لغاري ۽ ٻين چيو ته دهشتگردن هٿان قتل ٿي ويل نجي ٽي وي جي رپورٽر ۽ سکر جي بهادر صحافي جان محمد مھر جي شهادت کي نائون مهينو آهي اڃا تائين قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن
جيڪا موجوده حڪومت جي نااھلي آهي هنن مطالبو ڪيو ته شهيد جان محمد مھر جا قاتل جلد گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاجن جو سلسلو وسيع ڪيو ويندو.
مَي 19, 2024