سکر : روهڙي ريلوي پوليس جي ڪارروائي، ريلوي مٽيريل چوري ڪندڙ 3 جوابدار پنوعاقل مان گرفتار
سکر (بيورو رپورٽ) روهڙي ريلوي پوليس جي ڪاروائي، ريلوي ٽريڪ جو مٽيريل چوري ڪندڙ پنوعاقل مان 3 جوابدار گرفتار، وڏي مقدار ۾ ريلوي ٽريڪ جو مٽيريل هٿ، گرفتار جوابدارن خلاف روهڙي ريلوي پوليس ٿاڻي تي ڪيس داخل، ايس ايڇ او ريلوي نور محمد ڀيو ٻڌايو ته دادلوءِ ۽ مهيسرو ويجهو ڪاروائي ڪري ريلوي ٽريڪ جا نٽ بُلٽ، ڪلپ ۽ پليٽون چوري ڪندڙ 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي
گرفتار جوابدار ريلوي ٽريڪ جا مختلف هنڌن تان نٽ بُلٽ، ڪلپ ۽ پليٽان چوري ڪري مختلف هنڌن تي وڪرو ڪندا هئا، جوابدار دادلوءِ ۽ مهيسرو ويجهو ريلوي ٽريڪ جا نٽ بُلٽ، ڪلپ ۽ پليٽون چوري ڪري رهيا هئا جتان 3 ئي جوابدارن کي ريلوي مٽيريل سميت گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار جوابدارن وٽان وڏي مقدار ۾ ريلوي ٽريڪ جا نٽ بُلٽ، ڪلپ ۽ پليٽون هٿ ڪيون ويون آهن
جن مٿان روهڙي ريلوي پوليس ٿاڻي تي ريلوي ٽريڪ مان نٽ بُلٽ، ڪلپ ۽ پليٽون چوري ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، گرفتار جوابدارن ۾ مشتاق مير بحر، عاشق سيلرو ۽ ارباب سيلرو شامل آهن جن کان وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.
مَي 19, 2024