ڪوڙ هنيو پيو وڃي: بشڪيڪ مان آيل شاگرد

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بشڪيڪ مان پاڪستان آيل شاگرد چيو آهي ته ڪوڙ هنيو پيو وڃي ته حالتون ڪنٽرول ۾ آهن پر حالتون ڪنٽرول ۾ نه آهن.

شاگردن موجب مصرين ۽ مقامي ماڻهن جو جهيڙو 13 مئي تي ٿيو هو، فوٽيج ليڪ ٿي ته مقامي ماڻهن پلاننگ ڪئي ۽ کين پاڪستاني، ڀارتي ۽ بنگلاديشي ماڻهن جي رهائشگاهن جو پتو ٻڌايو ويو، پوليس به انهن سان مليل آهي.

هنن چيو ته فيڪٽرين ۾ گهڙي به ماڻهن کي ماريو ويو، شاگردياڻين تي به تشدد ڪيو ويو.

اهڙي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي گردش ۾ آهي جنهن ۾ شاگرد محسن نقوي کي چئي رهيا آهن ته ڪوڙ ڳالهايو پيو وڃي.

مَي 19, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو