دادو: ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ام رباب چانڊيو جي گھرڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري
دادو(رپورٽ؛سرور جلال سولنگي ) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گھرڀاتين ڏاڏي ڪرم الله چانڊيو، والد مختيار چانڊيو، چاچي قابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري، ام ارباب چانڊيو ڪيس جي فريادي پرويز چانڊيو سان گڏ دادو عدالت پهتي، ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن سردار خان چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو، ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا،
جڏهن ته ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن کي حيدرآباد جيل کان سخت سيڪيورٽي هيٺ دادو عدالت آندو ويو، ڪيس جي ٻڌڻي دوران ٻنهي ڌرين جا وڪيل نه هجڻ ڪري دادو ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج حسن علي ڪلوڙ پاران ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 25 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي،
عدالت ٻاهريان ام رباب چانڊيو صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته 7 سالن کان ڪيس جي پيروي ڪري رهي آهيان ، اسان ٻڌو ۽ سمجهو آهي ته رياست ماءُ وانگر ھوندي آھي پر 7 سالن کان رياست ۽ ادرا انصاف ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آھن، آءُ حيران آهيان ته ماءُ ڏسي پئي ته سندس ڌيءَ انصاف لاءِ عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهي آهي پر هو خاموش آهي، هن چيو ته عدالتن مان انصاف جي اميد آھي
جنھن لاءِ ھتي اچون ٿا، اسان جي پيارن جي بيگناھ خون سان انصاف ڪري دردن جو درمان ڪيو وڃي، اسان جي وڪيل جو ڪراچي ۾ نقيب الله وارو ڪيس رکيل هيو جنهن ڪري هو هتي نه اچي سگهيو آهي،اسان کي مختلف طريقن سان حراسان ڪيو پيو وڃي پر اسان پنهنجا حق وڙهي وٺنداسين، سنڌي قوم غيرت مند قوم آهي
جيڪا مرڻ قبول ڪندي آهي پر جهڪڻ قبول نه ڪندي آهي آءُ به سنڌي آهيان،ٻئي طرف دادو جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا .
مَي 17, 2024