سنڌ ۾ ڌاڙيل ۽ پوليس ‘هڪ پيج’ تي آهن!
فاروق سومرو
سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بدامنيءَ وڌي وئي آهي. اهڙا آواز ايوانن، روڊن، رستن توڙي چونڪن چوراهن تان به اچي رهيا آهن. سکر ضلعو امن امان جي حوالي سان ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ بهتر ضلعو رهيو آهي. ڪچي وارن علائقن ۾ رهائش پذير سماجي دشمن عناصرن، ڌاڙيلن جون ڪارروايون اڳ ۾ بچاءَ بندن تائين ئي محدود هيون پر هاڻي ڏوهارين پاران ڪارروايون موٽروي، نيشنل هاءِ وي کان پوءِ شهرن ۾ به پهچي ويون آهن. اڱاري واري رات لڳ ڀڳ 3 وڳي ڌاري هٿياربندن مقامي واپاري اڪرم آرائين جي مهراڻ اسڪول ڀرسان واقع گهر ۾ داخل ٿيا. گهر ۾ داخل ٿيندي ئي نقاب پهريل هٿياربندن ننڊ ستل عورتن، مردن مٿان هٿيار سڌا ڪيا. اِن دوران هٿياربندن عورتن کي پهريل سونا زيور زبردستي لاهڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي عورتن پاڻ سونا زيور لاهي ڏوهارين جي حوالي ڪيا پر اِن باوجود ٻڌايو پيو وڃي ته هٿياربندن نياڻين کي تشدد جو نشانو بڻايو. جنهن بعد هٿياربندن گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي پوري گهر جي تلاشي وٺڻ بعد 10 تولا سونا زيور، ڏيڍ لک روپيا روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻڻ سان گڏ ستن ورهين جي نينگر محمد حسين آرائين کي به پاڻ سان گڏ اغوا ڪري کڻي ويا. اِن دوران عورتن اُڀ ڏاريندڙ دانهون ڪندي کين پاڪ ڪتاب جا واسطا وڌا ۽ چيو ته سڀ ڪجهه کڻو پر نينگر واپس ڏيو. پر ظالم ڏوهارين کي ڪو به احساس نه ٿيو ۽ موٽر سائيڪلن تي سوار ٿي فرار ٿي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته هٿياربندن جي آخري لوڪيشن صبح جو پنجين وڳي تائين شهر جي حدن ۾ هئي. واقعي جو اطلاع ملڻ تي ڊي آءِ جي سکر عبدالحميد کوسو، ايس ايس پي عابد بلوچ، ونگ ڪمانڊر رينجرس ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پهتا. پوليس آفيسرن نينگر جي بازيابيءَ لاءِ ست کان وڌيڪ ٽيمون تشڪيل ڏئي شهرين ۽ نينگر جي وارثن کي خاطري ڪرائي ته 24 ڪلاڪن اندر نينگر کي بازياب ڪرائي ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. اِن دوران هڪ سماجي اڳواڻ ايس ايس پي کي شڪايت ڪئي ته ايس ايڇ او پنوعاقل منظور چانڊيو ڏوهارين سان رابطي ۾ هو. اُن جي موبائيل جو رڪارڊ ڪڍرائي اُن کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي. جنهن کانپوءِ ايس ايڇ او کي فوري طور تي معطل ڪيو ويو. پر هن وقت تائين اُن جي موبائيل فون جي رڪارڊ يا وري شهريءَ پاران ڪيل مطالبي متعلق پوليس جو ڪو به آفيشل بيان سامهون ناهي اچي سگهيو. پوليس جي آفيسرن پاران 24 ڪلاڪن جي ڏنل مهلت ختم ٿيڻ بعد به نينگر جي وارثن، پنوعاقل جي سياسي، سماجي، سول سوسائٽيءَ جي ماڻهن پاران شٽربند هڙتال، احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو جاري رکيو ويو. جنهن کان پوءِ پوليس جي آفيسرن ڪالهه نينگر جي بازيابيءَ لاءِ 48 ڪلاڪن جي مهلت گهري آهي ۽ وارثن کي ڪيل جاچ متعلق پوليس آفيسرن آگاهه ڪيو آهي ته ڪجهه نشان مليا آهن ۽ اميد آهي ته جلد نينگر کي بازياب ڪرايو ويندو. جنهن تي وارثن پوليس کي گهريل وڌيڪ مهلت به ڏني آهي. نينگر جي وارث اڪرم آرائين ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان ننڊ ستل هئاسين ته 4 کان وڌيڪ هٿياربند گهر ۾ داخل ٿيا، هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻايو. عورتن کي پهريل سونا زيور زبردستي لاهڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسان کين روڪيندي پاڻ لاهي ڏنا پر اِن باوجود وحشين خاندان کي تشدد جو نشانو بڻايو. هن ٻڌايو ته ڏوهاري پاڻ ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائي رهيا هئا، جن جي منهن تي نقاب هئا، جن مان هڪڙي جو نقاب لهي ويو هو، جنهن کي جيڪڏهن ٻيهر ڏسنداسين ته سڃاڻي وٺنداسين. نينگر جي والد، پنوعاقل جي سياسي، سماجي، سول سوسائٽيءَ جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته پنوعاقل ته ڇا سکر ضلعي جي تاريخي ۾ ڏوهارين جي اِن قسم جي وحشياڻي ڪارروائي نٿي ملي، جنهن ۾ هٿياربندن ڌاڙو هڻي، گهر جو صفايو ڪرڻ سان گڏ معصوم نينگر کي به اغوا ڪري کڻي ويا هجن. اهڙي واقعي کان پوءِ پنوعاقل سوڌو سکر ضلعي ۾ خوف، پريشاني، غير يقيني واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. مغوي نينگر جي وارث اڪرم آرائين موجب اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، نه ئي نينگر جي اغوا کان پوءِ هن وقت تائين اسان وٽ ڪا ڀنگ لاءِ فون آئي آهي. آءِ جي سنڌ اسان سان ٿيل ظلم جو نوٽيس وٺي فوري طور تي نينگر جي بازيابي جي لاءِ تڪڙا قدم کڻي. اُن جي امڙ سميت پوري خاندان روئي روئي پنهنجا حال هيڻا ڪري ڇڏيا آهن. اسان دردناڪ تڪليف مان گذري رهيا آهيون. ٻئي طرف آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پنوعاقل مان نينگر جي اغوا ۽ سکر ۾ وڌندڙ بدامنيءَ تي ايس ايس پي سکر عابد بلوچ کي هٽائي سي پي او رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. جڏهن ته ايس ايس پي حيدرآباد امجد احمد شيخ کي بدلي ڪري سکر جو نئون ايس ايس پي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته آءِ جي سنڌ امجد احمد شيخ کي نينگر جي بازيابيءَ جو ٽاسڪ ڏيندي کيس سکر مقرر ڪيو آهي.
ڪشمور- ڪنڌڪوٽ توڙي شڪارپور ۾ مقرري دوران امجد احمد شيخ اِن قسم جي معاملن کي سٺي نموني حل ڪيو هو. ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ معصوم نينگريءَ کي وحشي درندن اُن جي امڙ جي سامهون زيادتيءَ جو نشانو بڻايو هو، جنهن کانپوءِ پوليس ماءٌ ڌيءَ کي بازياب ڪرايو هو، بعد ۾ جوابدارن کي فل فراءِ ڪيو ويو هو. اهڙو ئي ڪيس حيدرآباد ۾ به ٿيو هو. تنهن ڪري سکر ضلعي ۾ اِهي ڳالهيون عام آهن ته امجد احمد شيخ جي مقرريءَ کان پوءِ نينگر جي بازيابي ته جلد عمل ۾ ايندي پر اغوا ڪندڙ کي به بخش نه ڪيو ويندو. سکر ضلعي جي عوام ۾ امجد احمد شيخ جي مقرريءَ سان امن امان جي بحاليءَ جي اميد پيدا ٿي آهي. هاڻي ڏسجي ته پوليس مغوي نينگر کي عام رواجي طرح بازياب ڪرائي ٿي يا ذميوارن کي به گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي ٿي. عام رواجي بازيابيءَ جو مقصد پوليس ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن ڪري مغوي جي بازيابيءَ جي هميشه دعوا ڪندي رهندي آهي پر مغوي کي اغوا ڪندڙ ڏوهارين کي گرفتاري ڪرڻ ۾ هميشه ناڪام رهندي آهي ۽ فقط پڌرائي ۾ اهو ڄاڻايو ويندو رهيو آهي ته ڏوهاري مغوي کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿي پيو ۽ ڏوهاري مغوي کي ڇڏي فرار ٿي ويا. اهي ڪهاڻيون پراڻيون ٿي ويون آهن، تنهن ڪري پوليس کي هاڻي حقيقت کان ڪم وٺڻ گهرجي. هن وقت مغوي نينگر محمد حسين آرائين جي گهر، پنوعاقل شهر ۾ ڪهرام، سوڳ وارو ماحول ڇانيل آهي، پنوعاقل جا رهواسي سراپا احتجاج بڻيل آهن.
پڙهندڙن کي هڪ اهم معاملي کان به آگاهه ڪجي ته پوليس جا بالا آفيسر ڳجهه ڳوهه ۾ ڪچي وارن علائقن ۾ ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن تي ئي مشتمل فورس جوڙي رهيا آهن. گهوٽڪي ۾ ذريعن اِن حوالي سان تصديق ڪئي آهي ته پوليس جي سرپرستيءَ هيٺ ڏوهارين جي فورس تشڪيل ڏني وئي آهي، جن کي سرڪار هٿيار به پاڻ فراهم ڪندي. سکر جي ڪچي وارن علائقن ۾ به شهيد جان محمد مهر جي شهادت کان اڳ اِن قسم جي فورس ٺهڻ جي ذريعن تصديق ڪئي هئي. پر هن وقت ٻڌايو پيو وڃي ته اُها فورس شهيد جان محمد مهر جي واقعي کان پوءِ ختم ٿي وئي هئي. اڳ اهي ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون ته پوليس ۾ لڪل ڪاريون رڍون ڏوهارين کي هٿيار، کاڌ خوراڪ جون شيون فراهم ڪنديون آهن، اهڙي الزام هيٺ مختلف وقتن تي پوليس اهلڪارن کي هٽايو پڻ ويو آهي. سان گڏ مختلف مبينا آڊيوز به ليڪ ٿيون آهن، جنهن ۾ ڪچي جي حدن ۾ لڳندڙ ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز ڏوهارين سان رابطو ڪري مختلف فرمائشون ڪن ٿا. چوڻ جو مطلب ۽ مقصد اِهو ته پوليس اڻ سڌي طرح ڏوهارين سان رابطي ۾ آهي. اِهي پڻ ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن ته اغوا ٿيندڙ مغوين ۾ پوليس جو حصو به هوندو آهي پر آفيشل سطح تي ته پوليس جا آفيسر اِنهن ڳالهين جي ترديد ڪندا رهندا آهن.
سنڌ حڪومت کي گهرجي ته سکر، ڪشمور- ڪنڌڪوٽ، شڪارپور سميت ٻين ضلعن ۾ وڌندڙ بدامنيءَ تي ضابطو آڻڻ لاءِ بهتر حڪمت عملي جوڙي قابل آفيسرن کي مقرر ڪرڻ سان گڏ ڪچي مان ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن.
