ملير: پرائمري اسڪول کان ڌڻي پرتو ڳوٺ گهر واپس ايندي نينگري روڊ حادثو جو شڪار
ملير ( ڊ ر ) رزاق آباد پوليس ايليٽ ٽريننگ سينٽر ۾ قائم پرائمري اسڪول کان ڌڻي پرتو ڳوٺ گهر واپس ايندي معصوم نينگري سان حادثو ، نينگري ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو ،
علاج دوران جناح اسپتال ۾ فوت ، گهر ۾ ڪهرام متل ،علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل تفصيل موجب ملير رزاق آباد ڀرسان ايليٽ ٽريننگ سينٽر ۾ قائم اسڪول کان واپس گهر ايندي معصوم نينگري ستن ورهين جي حورين ڌيء نويد طارق اوچتو چنچي رڪشي مان اوچتو هيٺ ڪري پئي معصوم نينگري مٿان رڪشي جو ٽائر چڙھي ويو
جنهن سبب سخت زخمي ٿي پئي نينگري کي ايمبولينس ذريعي ڪسان اسپتال نيو ويو جتان طبي امداد ڏئي وڌيڪ علاج لاء جناح اسپتال موڪليو ويو ، جناح اسپتال ۾ علاج دوران نينگري ڌم ڌڻي حوالي ڪيو ،
اطلاع تي گهر ۾ ڪهرا مچي ويو ، امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن معصوم نينگري جو تڏو ڌڻي پرتو ۾ وڇايو ويو علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل آھي.
مَي 16, 2024