امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي سنڌو درياھه جي حفاظتي بندن کي وڌيڪ مظبوط ڪيو وڃي: سيد محمد سجاد حيدر
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن سيد محمد سجاد حيدر اڄ آبپاشي کاتي جي عملدارن سان گڏجي ضلع شهيد بينظيرآباد جي حدن مان گذرندڙ سنڌو درياھه جي ايس ايم بچاءَ بند سميت ٻين مختلف حفاظتي بچاءِ بندن جو دورو ڪري امڪاني ٻوڏ جي حوالي سان حفاظتي انتظامن جي صورتحال جو جائزو ورتو
ان موقعي تي ڪمشنر سيد محمد سجاد حيدر آبپاشي کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي ضلع شهيد بينظيرآباد جي حدن مان گذرندڙ سنڌو درياھه جي حفاظتي بندن کي وڌيڪ مظبوط ڪيو وڃي جڏهن ته بچاءَ بندن جي وچ ۾ ايندڙ زمينداري بندن کي پڻ ختم ڪرايو وڃي ته جئين پاڻي جي وهڪري کي بهتر بڻائي سگهجي
ايس ايم بچاءُ بند تي ڪمشنر کي آگاهي ڏيندي ايس اي آبپاشي غلام مجتبى ۽ ايڪسين آبپاشي داد ڊويزن سلمان آفريدي ٻڌايو ته 2010 واري وڏي ٻوڏ کان پوءِ حفاظتي بندن کي وڌيڪ مظبوط ڪيو ويو آهي
هنن وڌيڪ ٻڌايو ته درياھه جي وهڪري ۽ امڪاني ٻوڏ ۽ برساتن کي نظر ۾ رکندي حفاظتي بندن جي وڌيڪ مظبوطي ۽ زمينداري بندن جي خاتمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن
جڏهن ته ڪچي جي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جا انگ اکر پڻ گڏ ڪيا پيا وڃن.ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ رميز راجا ۽ ٻيا عملدار موجود هئا.
مَي 16, 2024