انو ملڪ کي 23 سال اڳ ڳايل گاني جا انعام ملڻ لڳا

Spread the love

ڀارتي فنڪار انو ملڪ 23 سال اڳ ترتيب ڏنل گاني کي سوشل ميڊيا تي مشهوري ماڻڻ کي پنهنجي لاءِ انعام قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
سوشل ميڊيا 23 سال اڳ ترتيب ڏنل گاني کي هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا آڏو پيش ڪيو آهي، هن ۾ سڀ کان وڌيڪ حصو سوشل ميڊيا جي ريلز ورتو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب هينئر تائين 2001 جي فلم اشوڪا جي گاني ”سن سنانن“ کي 5 لک ريلز ۾ استعمال ڪيو ويو آهي.
انو ملڪ گاني جي ڌن ترتيب ڏني هئي، ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته انو کي سندس ڌيءَ ريل ڏيکاري چيو ته بابا اوهان جو گانو سوشل ميڊيا تي وائرل آهي.
انو ملڪ جو چوڻ هو ته اهو پراجيڪٽ منهنجي دل جي گهڻو ويجهو آهي، ڇو ته ان ۾ شارخ خان به هو ۽ اهو پراجيڪٽ انهن مان آهي جن ڪري مون گهڻي محنت ڪئي هئي.
انو ملڪ سوشل ميڊيا ريلز ۽ گاني جي مقبوليت کي مدنظر رکندي چيو ته مونکي ائين لڳي رهيو آهي جيئن مونکي پنهنجي محنت جو انعام مليو هجي.

مَي 16, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو