دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قوم ۽ حڪومت کي گڏيل موقف اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي: آءِ ايس پي آر

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آءِ ايس پي آر چيو آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ قوم ۽ حڪومت کي گڏيل موقف اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ 257هين ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ ملڪي داخلي ۽ سلامتي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته اندروني ۽ خطي جي سيڪيورٽيمعاملن جو جائزو به ورتو ويو.آءِ ايس پي آر موجب عسڪري قيادت پيش چئلينجن کان مڪمل طور آگاهه آهي ۽ عسڪري قيادت عوام جي سهڪار سان پنهنجون آئيني ذميواريون نڀائڻ جو عزم ڪري ٿي. آءِ ايس پي آر جي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته فوج اندروني ۽ ٻاهرين خطرن جو جواب ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهي، سيڪيورٽي فورسز ڳجها آپريشن ڪري رهي آهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ قوم ۽ حڪومت کي گڏيل موقف اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومت دهشتگردي ٽوڙ مهم جي منظوري ڏني. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فورم نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي طرفان طئي ڪيل هدف حاصل ڪرڻ لاءِ مڪمل عزم جي خاطري ڪرائي.

اپريل 16, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو