پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مهانگائي جي ماريل عوام لاءِ سٺي خبر آهي ته 16 مئي کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه گهٽيا آهن، جنهن کي ڏسندي اوگرا طرفان اگهه مقرر ڪيا ويندا، وزيراعظم سان مشاورت کانپوءِ اگهن جي حتمي منظوري ڏني ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول 13 رپيا 40 پئسا في ليٽر، جڏهن ته ڊيزل جي اگهه ۾ 8 کان 10 رپيا في ليٽر تائين لاٿ جو امڪان آهي.

مَي 16, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو