نئين ڪراچي مان منشيات ختم نه ٿي سگهي ،  نوجوان نسل تي منشيات جي عام وڪري سبب ناڪاري اثر پوڻ لڳا

Spread the love

ڪراچي (رپورٽ نئين: ثناء ﷲ هڪڙو)  نئين ڪراچي مان منشيات ختم نه ٿي سگهي  نوجوان نسل تي منشيات جي عام وڪري سبب ناڪاري اثر پوڻ لڳا تفصيل موجب نئين ڪراچي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي جي حد خميسا ڳوٺ ۾ منشيات جو سرعام وڪرو جاري حد جي پوليس لکين روپيا هفتو وصولي ۾ مصروف

منشيات جي عام وڪري سبب علائقي جي نوجوان نسل تي ان جا ناڪاري اثر پوڻ سبب ڪيترائي علائقي جا نوجوان منشيات واپرائڻ جا عادي بڻجي پنهنجون جوانيون وڃائي ويٺا آھن، نئين ڪراچي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي جي حد خميسا ڳوٺ ۾ جوا گٽڪو ،آئيس ، چرس ، ۽ هيروئن جو ڪاروبار پوليس جي سرپرستي هيٺ جاري آھي، ميڊيا سان ڳالهائيندي علائقي واسين عرفان پريو معشوق کيڙو.ياسين گجر ۽ ٻين چيو ته علائقي ۾ منشيات جي عام وڪري سبب هتان جا نوجوان منشيات جا عادي بڻجي رهيا آھن ڪيترائي نوجوان پنهنجون قيمتي جوانيون برباد ڪري چڪا آھن، علائقي واسين وڌيڪ چيو ته پوليس صرف منشيات فروشن کان هفتو وصول ڪندي آھي انهن خلاف ڪابه ڪاروائي ناهي ڪئي ويندي

جنهن خلاف ايس ايس پي سينٽرل ۽ آئي جي سنڌ کي گزارش آھي ته علائقي مان منشيات جو خاتمو آڻي نوجوان نسل کي بچايو وڃي

مَي 16, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو