ميھڙ: قاضي عزيز الله “عزيز” مھيسر جي ڪتاب جي مھورت ٿي گذري

Spread the love

ميھڙ(رپورٽر) نامياري شاعر قاضي عزيز الله “عزيز” مھيسر جي پھرئين شعري مجموعي “زندگي تنھنجي ڪري ” جو مھورت ۽ ادبي رھاڻ، نامياري شاعر قاضي عزيز الله ” عزيز“ مھيسر کي سنڌ جو ناميارو ۽ منفرد شاعر خبر موجب نامياري شاعر قاضي عزيز الله ” عزيز“ مھيسر جي پھرئين شعري مجموعي ”زندگي تنھنجي ڪري “ جو مھورت ۽ ادبي رھاڻ ميھڙ جي حيدر بخش خان جتوئي لائبريري ۾  سنڌي ادبي سنگت شاخ ميھڙ پاران ملھائي وئي جنھن ۾ وڏي انگ ۾ سڄاڻ ڌرين شرڪت ڪئي تقريب ۾ نامياري شاعر قاضي عزيز الله ” عزيز“ مھيسر کي سنڌ جو ناميارو ۽ منفرد شاعر قرار ڏنو آھي ، نامياري اديب ، دانشور ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل تاج جويو صدارتي خطاب ڪندي چيو ته قاضي عزيز الله ” عزيز“ مھيسر جو شعري مجموعو ” زندگي تنھنجي ڪري“ سنڌي شاعريء ۾ ھڪ اضافو آھي قاضي عزيز الله ” عزيز“ مھيسر جي شاعريسادي سلوڻي زبان ۾ عشق جي احساسن کان وٺي وطن جي محبت تائين جي جذبن سان ڀريل آھي ، قاضي عزيز الله ” عزيز“ مھيسر جو خاندان عالمن جو خاندان ٿي گذريو آھي ، ھن خاندان جو وڏو جان محمد عارفي انگريزن خلاف آزادي جي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن ۽ سائين جي ايم سيد جو ساٿي ھو نامياري شاعر ، اديب جوھر بروھي چيو ته قاضي عزيز الله ” عزيز“ مھيسر جو ڪلام عوامي اسلوب ۾ اظھاريل ، ھڪ نماڻي ڪلا ۽ دل جي ھڪ آھ آھي قاضي عزيز الله ” عزيز“ مھيسر ننڊاکڙي ھن ماحول لاء جاڳرتا جو جتن جاري رکي ته جيئڻ قوم منزل ماڻي، شعري مجموعي ”زندگي تنھنجي ڪري “ جي خالق نامياري شاعر قاضي عزيز الله ” عزيز“ مھيسر چيو ته سنڌي ادبي سنگت جي دوستن وڏو مان ڏنو 1967ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي وڏو عرصو خاموش رھيس جوھر بروھي ۽ آزاد انور ڪانڌڙي مون کي ننڊ مان اٿاري سجاڳ ڪري مون کي ادبي دنيا ۾ واپس وٺي آيا آھن سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري آزاد انور ڪانڌڙو چيو ته  قاضي عزيز الله ” عزيز“ مھيسر اڌ صديء کان لکندو پيو اچي سڄي سنڌ ۾ سندس ھڪ پختي شاعر طور سڃاڻپ آھي ، ھو گھڻو سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ شاعر آھي ھو پنھنجي ڌرتي سان محبت ڪندڙ شاعر آھي نامياري شاعر ۽ سنگت جي ضلعي رابطا سيڪريٽري معصوم بخاري چيو ته قاضي عزيز الله ” عزيز“ مھيسر جو شمار سينيئر شاعرن ۾ آھي ناميارن شاعرن اسحاق راھي ، نشتر ناٿن شاھي ۽ ناظم منگي جو تسلسل آھي نامياري اديب ، ڪھاڻيڪار سليم مگسي چيو ته قاضي عزيز الله ” عزيز“ مھيسر جي شاعريء ۾ سنڌ جي حالتن جو عڪس آھي سندس شاعريء ۾ عوامي رنگ آھي تقريب کي سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري سرمد بروھي ، قاضي لطف الله مھيسر ، پير آف ميھڙ سيد محمد شاھ ،  سليم مگسي ، معصوم بخاري ، ذوالفقار گاڏھي ، منظور حسيني مھيسر ، رجب آزاد ، گھايل لغاري ، آزاد زنگيجو، غلام مصطفي جتوئي ، محسن رضا چانڊيو ، حزب الله ميھڙائي ، حبيب حضوري ، محبوب ڏيپر ، غلام اصغر چانڊيو ، محبوب جانوري ، ڊاڪٽر عبدالوھاب ڪنڀر ، نماڻو صديق مھيسر ، جاني غفور ڇٽو ، اويس قرني ، منظور مولائي ، ستار ڪلھوڙو ، عرفان چانڊيو ، محمد ھاشم اصغر ، مدثر اعجاز ، طاھر اڪبر ، گلشير سرمد ۽ ٻين خطاب ڪيو ان کان اڳ قاضي عزيز الله ” عزيز“ مھيسر جي پھرئين شعري مجموعي”زندگي تنھنجي ڪري“ جو مھورت تاج جويي ، جوھر بروھي ، آزاد انور ڪانڌڙو،، معصوم بخاري ، سليم مگسي ۽ ٻين ڪيو.

مَي 14, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو