دادو : 5 کان 15 اسڪيل جي نوڪرين جي ٽيسٽ ڏيندڙ شاگردن پاران احتجاجي مظاهرو

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي )دادو ۾ 5 کان 15 اسڪيل جي نوڪرين جي ٽيسٽ ڏيندڙ شاگردن پاران دادو ايس ايس پي چونڪ کان دادو پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪري ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هنيو،

ان موقعي تي علي ڪورائي،فهد ٻٻر، شهباز مستوئي، مصطفي ،بلاول، بشير احمد ٻٻر ، نصرالله ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 2023 ۾ آء بي اي طرفان 5 کان 15 اسڪيل جي نوڪرين جي لاءِ ٽيسٽون ورتيون ويون هيون، ٽيسٽ  پاليسي غريب شاگرد دشمن آهن، جنهن ۾ گريڊ پاليسي ۽ انٽرويو پاليسي شامل ڪئي وئي آهي، هاڻي انٽرويو پاليسي دراصل نوڪرين ڏيڻ جي عمل ۾ غير شفافيت کي شامل ڪرڻ جي برابر آهي جنهن ۾ من پسند ماڻهن کي رشوت تي نوڪريون ڏيڻ جا امڪان چٽا آهن، ٽيسٽ کي وٺندي ڪافي وقت ٿي ويو آهي

پر اڃان تائين نوڪريون ڏيڻ جي عمل کي شروع ناهي ڪيو ويو، انهيءَ سان گڏو گڏ ايس پي ايس سي طرفان ايس ايس ٽي جون جيڪي تازيون ٽيسٽون ورتيون ويون آهن انهن ۾ به ادارن جي غير شفافيت غريب  شاگرد دشمني چٽي ٿي بيٺي آهي،

ٽيسٽ جي ٿيڻ کان پهريان ٽيسٽ جي جوابي پرچي جو ليڪ ٿي وڃڻ پر اميد ۽ قابل نوجوانن جي لاءِ ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي جيڪي انهي ٽيسٽ ۾ پنهنجي مستقبل جي بهتري ڏسن ٿا،انهي ئي تسلسل ۾ اڄ دادو ۾ باشعور شاگردن  پاران ايس ايس پي چونڪ کان پريس ڪلب دادو تائين ريلي ڪڍي وئي آهي،

 هنن صدر مملڪت آصف علي زرداري، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري،سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته 5 کان 15 اسڪيل وارين نوڪرين ۾ انٽرويو ۽ گريڊ پاليسي ختم ڪري سٺي مارڪن ۾ ٽيسٽ پاس ڪندڙن شاگردن کي نوڪريون ڏيڻ جو ڪم تيزي سان شروع ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پرامن احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

مَي 12, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو