ڏوڪري: شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي طرفان احتجاجي مظاهرو

Spread the love

ڏوڪري(رپورٽر) ڏوڪري ۾ شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڏوڪري جي ۾ شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافين سول سوسائٽي ۽ سياسي سماجي اڳواڻن تي مشتمل جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي طرفان صحافي اطهر سنديلو، قاضي فريد احمد، علي اصغر ميمڻ، زبير منگي، عرفان منگي، مختيار انڙ، وحيد جوڻيجو، بابر ٻگھيو، مقيم نياز ميمڻ، عرفان موريو، اطهر ميمڻ، سپاف تعلقي صدر قاضي نور حسين، ظهير قريشي، سنڌي ادبي سنگت محمد بچل سولنگي، لوئر اسٽاف مرڪزي پريس سيڪريٽري قاضي وسيم الله، عمران ڀان، سول سوسائٽي اڳواڻن قاضي عابد علي، قاضي احسن علي، قاضي محمد امين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڏوڪري پريس ڪلب کان حيدر چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته حق سچ لکڻ جي پاداش ۾ بيباڪ صحافي جان محمد مهر کي شھيد ڪيو ويو،

 سندس بيجا قتل ھن سماج جي منھن تي چماٽ آهي.ھنن چيو ته معاشري جو الميو آهي ته ڏينهن ڏٺي جو  ھٿياربند حق سچ جي علمبردار صحافي جان محمد مهر مٿان حملو ڪري کيس شهيد ڪن ٿا پر سکر پوليس انتظاميا نااھلي جي انتھا ڪندي 8 مهينا گذرڻ باوجود هن وقت تائين قاتل گرفتار ناھي ڪري سگهي.

ھنن چيو تہ سنڌ حڪومت پاران نالي ماتحت ٽيمون جوڙيون آهن پر هن وقت تائين شهيد جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ڪري شهيد جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

مَي 11, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو