صفوران ٽائون واسين پاران مسئلن جي حل لاءِ مرحوليوار تحريڪ ھلائڻ جو فيصلو
ڪراچي (رپورٽ : ثناء ﷲ هڪڙو ) ڪراچي صفوران ٽائون جي اندر مختلف مسئلن جي حل ۽ سچل ڳوٺ گرائونڊ جو نالو جي ايم سيد ھٽائي ملٽي پرپز رکڻ خلاف مختلف پارٽين جي جوڙيل جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي جو اجلاس سيد ايڊووڪيٽ سيد خليل شاھ ۽ واحد مغيري کي ڪنوينر مقرر ڪيو ويو مسئلن جي حل لاء مرحوليوار تحريڪ ھلائڻ جو فيصلو
خبرموجب ڪراچي صفوران ٽائون اندر پاڻي جي پئدا ٿيل بحران گندگي ڊرينيج جي ناڪارا نظام روڊ رستن سميت ٻين مسئلن جي حل لاء مختلف پارٽين جي جوڙيل جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي جو اجلاس سچل ڳوٺ ۾ جماعت اسلامي جي آفيس ۾ ڪوٺايو ويو جنھن ۾ مسئلن جي حل لاء صفوران ٽائون چيئرمين راشد خاصخيلي سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن خلاف مرحليوار تحريڪ ھلائڻ لاء ايڊووڪيٽ عوامي راڄ تحريڪ جي سربراھ سيد خليل شاھ ۽ ايس يو پي اڳواڻ واحد مغيري کي ڪنوينر مقرر ڪيو ويو
ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي جماعت اسلامي جي اڳواڻ حماد اللـ ڀٽو پي ٽي آء اڳواڻ آفتاب گوپانگ ايڊووڪيٽ سيد خليل شاھ ايس يو پي اڳواڻ واحد مغيري قومي عوامي تحريڪ جي مدثر سرڪي ڳالھائيندي چيو تـ صفوران ٽائون اندر خاص ڪري سنڌي آبادين ۾ پاڻي ڊرينيج صفائي روڊن رستن سميت ٻيا ڪيترائي انيڪ مسئلا آھن جيڪي سالن کان وٺي حل نـ ڪيا ويا آھن جنھن رھواسي سخت تڪليف ۽ عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن
صفوران ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي وجود باوجود ٽائون جي رھواسين کي ڪو بـ فائدو نـ ملي سگھيو آھي ٽائون کي ملندڙ ماھوار بجيٽ ترقياتي ڪمن تي خرچ ڪرڻ بجاء ٽائون چيئرمين راشد خاصخيلي ميونسپل ڪمشنر منور ملاح ڪوڙن بلن ۽ ڪوٽيشن ذريعي رقم ھڙپ ڪري رھيا آھن
ھنن وڌيڪ چيو تـ سچل ڳوٺ جي ايم سيد جي نالي سان منسوب ٿيل گرائونڊ جو نالو پ پ وارن ھٽائي ملٽي پرپز رکيو ويو آھي جيڪو عمل ڪنھن بـ صورت ۾ برداشت نٿو ڪري سگھجي ھنن چيو صفوران ٽائون اندر مسئلن جي حل لاء ٿيل اجلاس ۾ مرحليوار تحريڪ ھلائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آھي.
مَي 10, 2024