نوشهروفيروز: ٻھ سال گذرڻ باوجود برسات متاثرن جي واهر ناھي ٿي سگهي
نوشهروفيروز (رپورٽ: محمد عادل عباسي )ٻن سال گذرڻ باوجود برسات متاثرن جي واهر نه ٿي،نوشهروفيروز ويجهو ڳوٺ علي نواز چانڊيو جا ڳوٺاڻا اڃان تائين خيمن ۽ جهوپڙين ۾ ويٺل،سخت گرمي ۾ بيمارين به منهن ڪڍيو،
سرڪار توڙي چونڊيل نمائندن کي هي غريب ڳوٺاڻا نظر ئي نه ايا، ڳوٺاڻن پاران واهر جي اپيل. رپورٽ موجب تقريبن ٻه سال گذرڻ باوجود نوشهروفيروز ۾ برسات متاثرن جي واهر ناهي ٿي سگهي
جنهن سبب ڳوٺاڻا سخت پريشان آهن، ڳوٺ علي نواز چانڊيو ۾ ڳوٺاڻا اڃان تائين ڪپڙي جي تنبن ۽ جهوپڙين ۾ ويٺل آهن. ڳوٺاڻن بيوه مسمات شمشاد، نورحسن، عمراه خاتون، ظهور حسين، علي گوهر، سڄڻ، صدام ۽ ذاڪر سميت ڪيترن ئي ڳوٺاڻن جا گهر ڊهي پيا جيڪي هن وقت تائين تنبن ۽ جهوپڙين ۾ ويٺل آهن،
سخت گرمي ۾ معصوم ٻارڙن سميت نٽھڻ اس ۾ ويٺل ڳوٺاڻا مختلف بيمارين ۾ پڻ وٺجي ويا آهن. ڳوٺاڻن نور حسن چانڊيو، مسمات مومل خاتون ڪاوش سان ڳالهائيندي چيو ته ٻه سال گذرڻ باوجود اسان جي واهر ناهي ٿي جنهن ڪري سخت پريشان آهيون. هنن چيو ته برسات سبب اسان جو تقريبن سڄو ڳوٺ تباهه ٿي ويو
هو اسان تنبن ۾ ويهي رهياسين پر هيل تائين اسان جي ڪنهن به واهر نه ڪئي. هنن چيو ته سخت سردين ۽ هاڻي سخت گرمين ۾ انتهائي پريشانين ۾ زندگي پيا گذاريون پر ڪير به نوٽيس نه ٿو وٺي. هنن چيو ته ووٽ وٺڻ لاءِ اسان وٽ ڪيترائي ڀيرا اميدوار آيا واعدا ڪري ويا پر اهي وفا نه ٿيا. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور واهر ڪري اسان جا گهر تعمير ڪرائي ڏنا وڃن.
مَي 9, 2024