سانگهڙ ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي غير قانوني حددخلين خلاف آپريشن

Spread the love

سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي غير قانوني حددخلين خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو، سانگهڙ شهر جي روڊن جي حدن مان ريڙھيون ۽ ٺيلها پڻ هٽايا ويا، آپريشن اسسٽنٽ ڪمشنر شفيق احمد آريسر جي اڳواڻي ۾ ڪيو ويو،

اسسٽنٽ ڪمشنر سانگهڙ جو چوڻ ھو ته هڪ هفتي تائين غيرقانوني حد دخلين خلاف آپريشن جاري رهندو، جڏھن ته غيرقانوني حددخلين کي ڊاهي پٽ ڪري سامان ضبط ڪيو پيو وڃي. ميونسپل چيئرمين راشد اسلام مغل چيو ته سانگهڙ گرلز هاسٽل جي اڳيان تعمير هيٺ گرين بيلٽ کي نه هٽايو ويندو.

ياد رهي ته سانگهڙ ۾ غير قانوني حددخلين سبب ٽريفڪ جي رواني جو وڏو مسئلو پيش اچي رهيو هو جنهن سبب عام مسافر توڙي اسڪول جا شاگرد پنهنجي ٽائيم تي اسڪول نه پهچي سگهندا هئا.

 اسسٽنٽ ڪمشنر جو چوڻ ھو ته قانون هٿ ۾ کڻڻ وارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. جڏھن ته هڪ هفتو اڳ حددخلين خلاف اسسٽنٽ ڪمشنر پاران ڪارروائي ڪري دوڪان ۽ ڪيبنون پڻ  ٽوڙيون ويون هيون، غير قانوني حددخلين خلاف آپريشن دوران ڇپرن وٽان شراب جون خالي بوتلون وڏي تعداد ۾ هٿ ڪيون ويون هيون.

 ٻئي پاسي عوامي رد عمل ۾ عام شھرين جو چوڻ هو ته حد دخلين جي آڙ ۾ غريبن جا ڇپرا ته ڊاهيا وڃن ٿا پر طاقتور ماڻھن جي ڪنهن شيء کي هٿ نه ٿو لڳايو وڃي، حد دخلين خلاف آپريشن برابري جي بنياد تي ڪيو وڃي.

مَي 7, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو