سيوھڻ ۾ڪيترين ئي نشيدار شين جو وڪرو ھلندڙ، پوليس تماشائي بڻيل
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ شھر ۾ ٻيون ته ڪيتريون نشيدار شين جو وڪرو عام جام آھي، پر سيوھڻ شھر ۾ لوڪل ڪمپنين جي سگريٽن جو وڪرو رڪجي نه سگھيو ،
جڏھن ته ڪجھ ڏينھن پھريان ايف بي آر حيدرآباد وارن سيوھڻ تعلقي جي ڳوٺ وڏيون مناھيون ۾ ھڪ نقل سگريٽ تيار ڪندڙ فيڪٽري تي ڇاپو پڻ ھنيو ھئو ، اتان ڪروڙين روپين جا تيار ٿيل نقلي سگريٽ پڻ ھٿ ڪيا ھئا، ۽ ان فيڪٽري مان ڪجھ ماڻھون پڻ گرفتار ڪيا ھئا ،
ان فيڪٽري کي سيل به ڪيو ويو ھئو، پر ڪا خبر نه آھي ته ان نقلي سگريٽ تيار ڪندڙ فيڪٽري ڪنھن جي ھئي، ڇا گرفتار ڪيل ماڻھن مٿان ڪيس داخل ٿيو يا نه ٿيو، ھٿ ڪيل نقلي سگريٽن کي ڇا ڪيو ويو، ان نقلي سگريٽ تيار ڪندڙ فيڪٽري تي ڇاپو لڳڻ کانپوء به سيوھڻ شھر ۾ ته لوڪل ڪمپنين جي سگريٽن جو وڪرو اڃان تائين جاري ۽ ساري آھي ،
جڏھن ته لوڪل ڪمپنين جي سگريٽ جي پاڪيٽ جو اگھ گھٽ ھئڻ ڪري سگريٽن جي موالي طبقي جو غريب ماڻھون سستو سگريٽ خريد ڪري رھيو آھي،
جنھن جي ڪري ڪيترائي سگريٽن جا موالي کنگ ۾ مبتلا ٿي ويا آھن، ۽ ڪيترن پيٽ جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن، جڏھن ته ذريعن کان معلوم ٿيو آھي تہ لوڪل ڪمپنين جي سگريٽن تي گورنمنٽ پاڪستان جو ٽيڪس لڳل نه آھي،
ان جي ڪري لوڪل ڪمپنين جا سگريٽ سستا وڪرو ٿي رھيا آھن، جڏھن ته ذريعن کان اھيو معلوم ٿيو آھي تہ اصلي سگريٽ جي ڪمپنين پاران سگريٽ جي پاڪيٽ تي ھڪ ڪمپني جي طرفان ھڪ اسڪينر جي ٽڪلي ھنئي ويئي آھي،
جيڪا اسڪينر جي ٽڪلي کي ڪو به ماڻھون چيڪ ڪندو، ته ان ٽڪلي مان اھيو، ثابت ٿيندو ته ھي اصلي ڪمپني جو سگريٽ آھي، جڏھن تہ اصلي ڪمپني جا مارڪيٽ ۾ ڪيترا برانڊ آھن، پر خاص طور تي اصلي ڪمپني ۾ ڪيپٽن سگريٽ ۽ گولڊليف سگريٽ ، مارون سگريٽ ۽ ريڊن وائيٽ سگريٽ وغيره آھن،
انھن اصلي سگريٽن جي پاڪيٽ تي ڪمپني طرفان اسڪينر جي ٽڪلي جي ڇپائي ٿيل آھي، جڏھن ته جيڪي سيوھڻ شھر جي مارڪيٽ ۾ ٻيا جيڪي ھلڪي ڪمپنين جا سگريٽ وڪرو ٿي رھيا آھن ، انھن سگريٽن ۾ ڪپتان ، ايڪسپريس ، دبئي سگريٽ وغيره جن جي مٿان ڪمپني ڪوبه اسڪينر جي ٽڪلي نه ڇپائي آھي، جڏھن ته جن سگريٽن تي ڪمپني طرفان اسڪينر جي ٽڪلي لڳائي آھي ، اھي سگريٽ اصلي آھن ، ۽ جن سگريٽن جي پاڪيٽ مٿان اسڪينر جي ٽڪلي لڳل نه آھي، اھي سگريٽ اصلي نه آھن ،
جڏھن ته شايد لوڪل ڪمپنين جا سگريٽ جيڪي سيوھڻ جا واپاري وڪرو ڪري رھيا آھن ، انھن جي ڪابه ايجنسي وغيره نه آھي، جڏھن تہ اصلي سگريٽن جي ايجنسيون سيوھڻ ۾ موجود آھن، جڏھن تہ سيوھڻ ۾ جيڪي اصلي سگريٽ وڪرو ٿي رھيا آھن،
انھن جي قيمت تمام گھڻي آھي ، جڏھن ته لوڪل سگريٽن جي قيمت گھٽ آھي ، خدارا ڪجھ رحم ڪريو، سيوھڻ شھر ۾ لوڪل ڪمپنين جي سگريٽن جو وڪرو بند ڪرايو وڃي. ۽ انھن لوڪل ڪمپنين جي سگريٽ وڪرو ڪندڙ ھول سيل جي واپارين خلاف قانوني قدم کنيو وڃي.
مَي 7, 2024